لاس اينجلس(انٽريسٽنگ نيوز) ڪتو اگر ڪنهن انسان کي ڏاڙهي وجهي ته اها ڪا خاص ڳالهه ناهي پر آمريڪا ۾ ته ڪتي هڪ شخص کي گولي هڻي ڪڍي.؟ هي واقعو آمريڪي رياست ٽينيسي ۾ پيش آيو آهي ، پوليس کي رپورٽ ۾ ٻدايو ويو آهي ته ميمڦس جيراڊ ڪرڪ ووڊ نالي شخص پنهنجي مستو سان گڏ بيڊ تي ليٽل هو ته سندس پاليل ڪتي بيڊ تي جمپ ڏنو ته پستول مان حادثاتي طور تي فائر ٿي ويو،گولي همراهه جي ساڄي ران تي لڳي، جيراڊ جي ڪتي اوريو جو پير پستول ۾ ڦاسي پيو هو،جنهن ڪڊڻ جي ڪوشش ۾ اوريو کان پستول جو ٽرگر دٻجي ويو ۽ گولي مالڪ کي لڳي وئي، ان واقعي دوران جيراڊ جي دوست به گهر ۾ موجود هئي جيڪا واقعي کانپوءِ پستول پاڻ سان گڏ کڻي هلي وئي،زخمي همراهه کي فورن اسپتال آندو ويو،ڊاڪٽرن موجب سندس حالت وڌيڪ سيريس ناهي،واقعي وقت موجود عورت پوليس کي بيان ڏنو ته اوريو هڪ بهترين ڪتو آهي، جيڪو هر وقت مالڪ جي سامهون حرڪتون ڪندو رهندو آهي،آمريڪا اسلحي جي استعمال عام آهي،هي پهريون واقعو ناهي،اڪثر اهڙا واقعا سامهون ايندا رهندا آهن،جيراڊ پهريون ماڻهو ناهي جنهن کي جانور گولي هنئي هجي،2018 ۾ رچرڊ ريمي نالي شخص کي به سندس ڪتي گولي زخمي ڪري وڌو هو