ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) امريڪا ۾ ٽن ٻارڙن ڊائنا سور جي ڪروڙين سال پراڻي هڏي هٿ ڪري ورتي، ٻن ڀائرن ليام فشر، جيسن فشر ۽ سندن ڪزن ڪيڊن ميڊيسن نارٿ ڊڪوٽا جي ڳوٺ مارمراٿ ۾ 6 ڪروڙ 70 سال پراڻي ڊائنا سور جي هڪ هڏي هٿ ڪئي، ٻارڙن جولاءِ 2022ع ۾ ڊائنا سور جي هڏي هٿ ڪئي هئي، تفصيل هاڻي سامهون اچي رهيا آهن، ٽئي ٻارڙا سام فشر سان گڏ جابلو سفر ڪري رهيا هئا جنهن دوران ڊائنا سور جي هڏي هٿ آئي، سام فشر امريڪا ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هيءُ خطو ڊائنا سور جي گاڏي جو شهر قرار ڏنو ويندو آهي، اوهان جي اندازو نه هوندو ته هتان ڇا ملي سگهي ٿو، ڊائنا سور جي هڏي کي هلندڙ هفتي ميوزم آف نيچر اينڊ سائنس ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان موقعي تي سام فشر جو چوڻ هو ته اوهان مارمراٿ ۾ خوبصورت جابلو چوٽيون، وڻ ۽ جانور ڏسي سگهو ٿا، ليام فشر ٻڌايو ته لڳي رهيو هو ته مان جنهن شئي سان ٽڪرايو آهيان اهو ڪو پهاڙ جو حصو هجي، آثار قديمه جي ماهر ٽيلر ليوسن کي شروع ۾ لڳو ته اهو ڊڪ بل ڊائنا سور جي هڏي آهي جيڪا گهڻي عام آهي پر 2023ع ۾ ان هنڌ تان کوٽائي دوران علم ٿيو ته اها هڏي ٽي ريڪسن جي آهي، هن چيو ته اسان کي کوٽائي دوران ڏند مليا هئا جنهن مان علم ٿيو ته اهو ٽي ريڪسن ڊائنا سور آهي، ماهرن جي اندازي موجب اهو 13 سال کان 15 سال جي عمر جو جوان ڊائنا سور هو ۽ سندس وزن 1587 ڪلو گرام تائين هوندو، ماهرن جي اندازي موجب ان ٽي ريڪسن کي مڪمل طور تي ڪڍڻ ۾ هڪ سال جو عرصو لڳي سگهي ٿو، هاڻي تائين ان جي هڪ ڄنگه، کوپڙي جو ڪجهه حصو دريافت ڪيو ويو آهي، جراسڪ پارڪ فلمن جي شوقي جيسن فشر ٻارڙن کي مشورو ڏنو ته هو اسمارٽ فونز کي رکي ڪري قدرتي منظر جي هائيڪنگ جي لاءِ نڪرن جتان کين گهڻو ڪجهه ملي ويندو.