ڪيليفورنيا (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ عورت کي سندس گم ٿيل ٻلي 9 سالن کانپوءِ ملي وئي.رياست ڪيليفورينا جي شهر ڪلووِس ۾ عورت سويزن مُور آئيڊاهو رياست مان سندس وڃائجي ويل ٻليءَ جي ملڻ جو اطلاع ڏنو ويو. سوزين موجب سندس ٻلي 9 سال اڳ وڃائجي وئي هئي، جنهن بابت هن ۽ سندس مڙس کي لڳو ته ڪنهن جانور کيس کائي ماري ڇڏيو هوندو.  هن ٻڌايو ته ٻلي جي گم ٿيڻ بعد هو پريشان هئي. پر آئيڊاهو جي شهر هيڊن مان 19 سيپٽمبر تي کيس فون آيو ۽ کيس ٻڌايو ويو ته هيريئٽ نالي ٻلي هيڊن شهر جي گھٽين ۾ رلندي ڏٺي وئي آهي. ٻلي ۾ لڳل مائڪرو چپ ذريعي سوزن سان رابطو ڪرڻ ۾ مدد ملي. سوزين موجب ڪاش ٻلي ڳالهائي سگھندي هجي ها، کيس ڄاڻڻو آهي ته ٻلي آئيڊاهو ڪيئن پهتي؟