آمريڪا ۾ مڇر کي جينيٽيڪلي ماڊيفائيڊ ڪري فلوريڊا رياست جي ماحول ۾ متعارف ڪرائي مڇر ڇڏيا ويا آهن. اهو قدم ان لاءِ کنيو ويو آهي تہ جيئن مڇرن منجهان ڦهلجندڙ بيماريون جهڙوڪ : ڊينگي، زڪا، چڪن بونيا وغيره جهڙيون بيماريون نہ ڦهلجن.اهي بيماريون “ايڊس ايجپٽا” نالي مڇر منجهان ڦهلبيون آهن.
هاڻي اهي جينيٽيڪلي موڊيفائيڊ ( هٿرادو مڇر) مڇرن ۾ چڪ پائڻ جي صلاحيت ناهي ٻيو هي مڇر ٻين مڇرن سان لڳ ڪندا تہ انهن منجهان پيدا ٿيندڙ ماديون جوان ٿيڻ کان اڳ مري وينديون ۽ انهن منجهان جيڪي نر مڇر پيدا ٿيندا اهي وري انهن ليبارٽرين ۾ تيار ٿيل جينيٽيڪل موڊيفائيڊ مڇرن جهڙا هوندا (چڪ نہ پائيندا). ائين مڇرن جا الائي ڪيترا قسم ماحول ۾ موجود آهن پر مٿي بيان ڪيل بيماريون ڦهلائيندڙ مڇرن جو قسم صرف 4 سيڪڙو آهي. جيڪڏهن اها بائيو انجنيئرڊ ٽيڪنالاجي ڪامياب وئي تہ زهرن کان بغير ئي نقصانڪار مڇرن جي آبادي ڪافي حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي. ان ساڳي ئي ڪمپني برازيل، مليشيا ۽ پاناما ۾ بہ فيلڊ ٽرائل ڪيا آهن جتي انهن مڇرن جي آبادي 90 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي.