واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ موبائل تي هلندڙ هڪ اشتهار عورت کي هڪ لک ڊالر (ٻه ڪروڙ اٺهتر لک پاڪستاني رپيا) کٽرائي ڇڏيا. ورجينيا جي هڪ همراهه ٻڌايو ته اسٽيٽ سورتي جي هڪ نئين موبائل ايپ جي اشتهار مون کي هڪ لک ڊالر جو پاور بال کٽرايو آهي. پارڪرز برگ جي رهواسڻ عورت انجيلا وي ٻڌايو ته هوءَ باقاعدي سورتي ناهي کيڏندي پر نئين آيل سورتي جو اشتهار ڏسي ان به هڪ ڪوشش جو ارادو ڪيو. انجيلا جو چوڻ هو ته سندس پيءُ سدائين سورتي راند کيڏندو هو پر کيس گيس اسٽيشن وڃي ٽڪيٽون وٺڻ واري ڳالهه نه وڻندي هئي، جڏهن هن اشتهار ڏٺو ته سوچيو ڀلا ڇو نه هڪ ڪوشش ڪجي. هن ڏهه ٽڪيٽون ورتيون جن مان هڪ ٽڪيٽ قرعه اندازي ۾ کيس هڪ لک ڊالر کٽرائي ڇڏيا.