ميڪسيڪو (شوبز نيوز) ميڪسيڪو ۾ هڪ منشيات فروش ٽولي الزام لڳايو آهي ته پنجن گلوڪارن کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو آهي.  پرڏيهي ميڊيا موجب، پنج ئي گلوڪار گذريل آچر تي آمريڪي سرحد جي ويجهو ميڪسيڪو جي شهر رينوسا ۾ هڪ ڪنسرٽ لاءِ موجود هئا، جتان اهي غائب ٿي ويا. رپورٽ موجب، ميڪسيڪو رياست تاماوليپاس جي اٽارني جنرل چيو ته قتل ٿيل گلوڪارن کي 25 مئي تي سفر دوران اغوا ڪيو ويو هو ۽ انهن جي مائٽن تاوان جي مطالبن جي رپورٽ ڏني هئي. اٽارني جنرل ارونگ باريوس موجيڪا جي مطابق، بدنام گلف ڪارٽيل جي نو مبينا ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کان موسيقارن کي اغوا ۽ قتل ڪرڻ جي شڪ ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي،  رپورٽ موجب، قتل ٿيل گلوڪارن جي عمر 20 کان 40 سالن جي وچ ۾ هئي ۽ اهي مقامي ڪنسرٽن ۽ پارٽين ۾ پرفارم ڪندا هئا.