نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ اڳوڻي پيٽرن پينسلوينيا جي هڪ لائبريري کي 51 سالن بعد ڪتاب واپس ڪري ڇڏيو، انسٽاگرام پوسٽ موجب “لومبارڊي: وننگ از دي اونلي ٿنگ” نالي ڪتاب 26 جولاءِ 1973 تي بينسن ميموريل لائبريري کي واپس ڪرڻي هئي، پوسٽ ۾ چيو ويو ته لائبريري طرفان 2021 ۾ دير سان ڪتاب جمع ڪرائڻ تي ڏنڊ کي ختم ڪيو ويو هيو پر مهربان پيٽرن ڏنڊ جي رقم جو حساب لڳايو، ان ۾ وياج شامل ڪيو ۽ رقم لائبريري کي عطيو ڪري ڇڏي، لائبريري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جيسيڪا هلبرن جو چوڻ هيو ته اهو ڪتاب هاڻي ٻيهر جاري ڪرڻ لاءِ دستياب نه هوندو، ان کي فيسلٽي جي دفتر ۾ ڊسپلي تي رکيو ويندو.