واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هن جا صدر هوندي به پرڏيهي بئنڪ اڪائونٽ هئا جيڪو آمريڪا جي قانون جي خلاف آهي. ڪيترن ئي مهينن جي قانوني ويڙهه بعد ٽرمپ جا ٽيڪس گوشوارا ڪالهه جاري ڪيا ويا آهن جن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هن صدارت جي پهرئين ۽ آخري سال ۾ تمام گهٽ انڪم ٽيڪس ادا ڪيو. جنهن جو سبب هن ڪاروبار ۾ وڏو نقصان ڄاڻايو آهي. کيس ٽيڪس چوري ۾ ملوث ڄاڻايو ويو آهي. هن چئني سالن دوران ڪاروبار ۾ نقصان ڄاڻايو، 2015ع ۾ 105 ملين ۽ 2016ع ۾ 73 ملين ڊالرن جو نقصان ڄاڻايو. رپورٽ موجب صدارت دوران 2015ع کان 2020ع تائين چين، برطانيا ۽ آئرلينڊ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سندس بئنڪ اڪائونٽ هئا.