پنسلوانيا (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست پنسلوانيا ۾ آئوٽ ڊور جنگلي جانورن جي گوشت تي ٻڌل هڪ بوفي ڪافي مشهور آهي ۽ هن سال به ان ۾ عجيب ۽ غريب کاڌا پيش ڪيا ويا، ديهي پنسلوانيا جي فائر هال ۾ ٽيسٽ آف دي وائلڊ آئوٽ ڊور جي عنوان سان بوفي خبرن جي سرخين ۾ آهي، ڇو ته اهو 150 ماڻهن جي هجوم کي عجيب ۽ غريب کاڌا پيش ڪندو آهي، ڪجهه سبزين جي کاڌن کان سواءِ جن کي وڏي حد تائين نظرانداز ڪيو ويو، جيڪو کاڌو پيش ڪيو پيو وڃي اهو 14 جانورن جي گوشت تي مشتمل هو، گوشت دار کاڌن ۾ اسٽنگري مڇي جو ڪيسرول، رڇ جو اسٽيو، ريڪون ساسيجز ۽ سيهڙ جا ساسيج شامل هئا، اهي سمورا ڊشز بوفي جي ڌيان جو مرڪز هئا، انهن کان سواءِ هڪ سيخ تي ڀڃيل نوريئڙو، ٻلي جي گوشت جي چومين ۽ لومڙي بار بي ڪيو به هو، پر هن سال جو خصوصي گوشت واڳون جو هو، گذريل سالن ۾ کاڌن ۾ ڪڇون، اسموڪڊ بام مڇي ۽ سگ آبي جو پائي شامل هو.