نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز)ڪيپٽن ڪڪ جي جهاز، ايڇ ايم ايس اينڊيور، جيڪو 250 سال اڳ ٻڏي ويو هو، جا باقيات آمريڪا جي ساحل کان مليا آهن. 1768 ۽ 1771 جي وچ ۾، جهاز اوڀر آسٽريليا تائين پهچڻ وارو پهريون يورپي جهاز هو. بعد ۾ ان کي وڪرو ڪيو ويو ۽ ان جو نالو لارڊ سينڊوچ رکيو ويو. جهاز 1778 ۾ آمريڪي انقلابي جنگ دوران آمريڪا جي ساحل کان ٻڏي ويو. جهاز صديون اڳ گم ٿي چڪو هو، پر هاڻي اهو ملبو آمريڪي رياست روڊ آئلينڊ جي نيوپورٽ هاربر علائقي ۾ دريافت ڪيو ويو آهي. آسٽريليا جي نيشنل ميري ٽائيم ميوزيم هڪ نئين رپورٽ ۾ دريافت جو اعلان ڪيو، ۽ ماهرن ملبي کي RI 2394 طور سڃاڻپ ڪيو. ميوزيم جي ڊائريڪٽر ڊيرل ڪارپ چيو ته رپورٽ ۾ پيش ڪيل نتيجا 25 سالن جي آثار قديمه ۽ پاڻي هيٺ تحقيق جو نتيجو آهن.