نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) گذريل هفتي جي آخر ۾ آمريڪي شهر سان فرانسسڪو جي سليڪون وادي علائقي ۾ ڪيترن ئي زيبرا ڪراسنگ تي مارڪ زڪربرگ ۽ ايلون مسڪ جا آواز اوچتو ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. بي بي سي جي هڪ رپورٽ موجب، سليڪون ويلي ۾ پالو آلٽو، ريڊ ووڊ سٽي ۽ مينلو پارڪ ۾ زيبرا ڪراسنگ سسٽم هيڪ ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ مارڪ زڪربرگ ۽ ايلون مسڪ اوچتو طنزيه ۽ عجيب انداز ۾ معياري روڊ ڪراسنگ جون هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون. زيبرا ڪراسنگ تي ايلون مسڪ جي آواز ۾ هڪ پيغام مليو، جنهن ۾ چيو ويو هو، “ماڻهو چون ٿا ته پئسا خوشي خريد نٿا ڪري سگهن، ۽ مون کي لڳي ٿو ته اهو سچ آهي. ايلون مسڪ جي آواز ۾ هڪ ٻيو پيغام مليو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جيڪو به مون سان دوستي ڪندو، مان ان کي سائبر ٽرڪ تحفي طور ڏيندس. مارڪ زڪربرگ جي آواز ۾ مليل هڪ پيغام ۾، هن کي AI ٽيڪنالاجي بابت ڳالهائيندي ٻڌو ويو. ڪيليفورنيا ڊپارٽمينٽ آف ٽرانسپورٽيشن تصديق ڪئي ته مينلو پارڪ ۽ پالو آلٽو ۾ لڳ ڀڳ 10 زيبرا ڪراسنگ متاثر ٿيا آهن.