واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي رياست الينواءِ ۾ زهريلو مواد امونيا کڻي ويندڙ ٽرڪ ٻي ٽرڪ سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 هزار 500 گيلن امونيا روڊ تي وهي ويو. حادثي ۾ پنج ڄڻا فوت ۽ پنج زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪراءُ ۾ ٻه فوت ٿيندڙن ۾ 2 ٻارڙا به شامل آهن. زخمي پنج ڄڻن جي حالت به ڻتي جوڳي آهي. مارجي ويلن ۾ ٽن ڄڻن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي. روڊ تي وهي ويل امونيا هوا ۾ به شامل ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري ماڻهن جي اکين، علي ۽ ڦڦڙن کي نقصان پهتو ۽ ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ڏسڻ ۾ آئي. مقامي ماڻهن ۾ اهي علامتون ظاهر ٿيڻ تي کين اسپتال منتقل ڪيو ويو. حڪومت واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.