ٽيڪساس (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ زرافه (چراخ) ٻن ورهين جي ٻارڙيءَ کي چڪ ۾ کڻي ورتو. جنهن جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٽيڪساس جي سفاري پارڪ ۾ گاڏي مان ٻن ورهين جي ٻارڙي کي زرافه چڪ ۾ کڻي مٿي اڇلائي ٿو. ميڊيا رپورٽن موجب سفاري پارڪ ۾ هڪ آمريڪي فيملي گھمڻ لاءِ آيل هئي. ان دوران فيملي ذرافن کي کاڌو کارائي رهي هئي ته ڄاڻايل هڪ ذرافي جي ڀر سان وڃي پهتي. ان دوران هڪ ذرافي پوئين سيٽ تي ويٺل ٻن ورهين جي ٻارڙيءَ کي چڪ ۾ کڻي ورتو. پر جلد ئي ذرافي ان ٻار کي ڇڏي ڏنو. ٻارڙيءَ جي والد جيسن ٽوٽن جو چوڻ آهي ته اسان ذرافن کي کاڌو ڏيڻ لاءِ بيٺا هئاسين. مون پوئين سيٽ تي ڏٺو ته ماءُ جي هنج ۾ ويٺل ڌيءُ کي ذرافي چڪ ۾ کڻي ورتو. خوشقسمتي سان زال انکي پڪڙڻ لاءِ موجود هئي، جڏهن ذرافي ٻارڙيءَ کي ڇڏيو ته سندس امڙ ان کي جھپي ورتو. هن چيو ته ان وقت منهنجي دل بيهي وئي هئي. اسان سڀئي ڊڄي ويا هئاسين.