نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي رياست ميئن ۾ هٿياربند طرفان مختلف هنڌن تي فائرنگ جي واقعن ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا ۽ 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. آمريڪي ميڊيا موجب، ليوسٽن شهر ۾ هٿياربند پهريان بولنگ ڪلب ۾ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا موقعي تي مارجي ويو جنهن کانپوءِ هن مقامي بار ۽ والماٽ ڊسٽريبيوشن سينٽر تي فائرنگ ڪري اتي موجود ماڻهن کي نشانو بڻايو. امريڪي ميڊيا موجب، پوليس هٿياربند جي تصوير جاري ڪري ڇڏي آهي جيڪو جديد رائفل ذريعي فائرنگ ڪري رهيو آهي، جوابدار جي سڃاڻپ رابرٽ ڪارڊ جي نالي طور ٿي جڏهن ته حملي جو ڪارڻ سامهون ناهي اچي سگھيو. پوليس موجب فائرنگ کانپوءِ حملي آور فرار ٿي ويو، پوليس طرفان جوابدار جي گرفتاري تائين شهرين کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هوڏانهن مقامي انتظاميا علائقي ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ جي هدايت ڏيندي رياست جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.