ڪراچي (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ سپر اسٽور تي انرجي ڊرنڪ پيئڻ لاءِ بيٺل عورت 10 لک ڊالر جي لاٽري کٽي ورتي، امريڪا ميڊيا موجب رياست ڪيلي فورنيا سان تعلق رکندڙ اليگيزينڊريا روڊيگز گهر ڀرسان موجود هيلنز مارڪيٽ نالي سپر اسٽور تي آئي هئي، انرجي ڊرنڪ خريد ڪئي ته هڪ ميلن جي لاٽري کٽي ورتي،  عورت ڪيليفورنيا لاٽري جي اختيارين کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هوءَ اسٽور تي ننڍي هوندي کان ايندي هئي جڏهن هوءَ سائيڪل هلائيندي هئي، اسٽور تي انرجي ڊرنڪ خريد ڪرڻ لاءِ آئي هئس ته ان دوران منهنجي نظر ايڪسٽريم ملٽي پليئر لاٽري ٽڪيٽ تي پئي، عورت چيو ته لاٽري ٽڪيٽ جي ڊزائن ۽ ان جو رنگ گهڻو خوبصورت لڳي رهيو هو جنهن سبب ان کي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.