واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ آءِ فون ڍنڍ ۾ گاڏيءَ سميت ڦاٿل شخص جي جان بچائي ورتي جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي اهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ هڪ شخص آءِ فون جي نئين فيچر سبب بچايو ويو جنهن جي گاڏي حادثي کانپوءِ ڍنڍ ۾ ٻڏي وئي هئي ۽ ڍنڍ ۾ ئي ڦاٿل هئي. پوليس موجب جانور کي بچائيندي نوجوان جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي ڍنڍ ۾ وڃي ڪري هئي. آءِ فون پاڻمرادو هڪ ايس او ايس الرٽ ذريعي پوليس کي حادثي کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ پوليس اهلڪار گوگل جو استعمال ڪندي حادثي جو شڪار شخص جي لوڪيشن معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. واقعي واري جاءِ تي پهچڻ کانپوءِ پوليس اهلڪارن ان شخص جي گاڏي ڍنڍ ۾ ٻڏل ڏٺي جنهن جي اندر هو ڦاٿل هو بعد ۾ اهلڪارن هن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ هن کي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.