آمريڪا ۽ ڀارت لاءِ پريشاني پيدا ڪندڙ چيني جنگي ٽيڪنالاجي

0
12
آمريڪا ۽ ڀارت لاءِ پريشاني پيدا ڪندڙ چيني جنگي ٽيڪنالاجي

  گذريل ڏهاڪو سالن کان چين کي سوڙهو ڪرڻ لا هندستان جي اسرائيل جيان فوجي ۽ مالي مدد ڪندڙ آمريڪا پاڪستان جي جوابي ڪارروائي کانپو فورن يوٽرن وٺي هنگامي بنيادن تي جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، جنهن تي هندستان به فورن پويان پير ڪري جنگ بندي جون اپيلون ڪري نيٺ پاڪستاني فوجي اڳواڻن سان رابطا ڪري جنگ بندي جا اعلان ڪيا آهن. 6 مئي تي ڀارت پاڪستان تي پهلگام حملي جو جواز ڄاڻائي بنا ڪنهن حٻق جي پاڪستان تي ڊرون ۽ ميزائلن سان حملا ڪيا، ۽ نريندر مودي پاڻ کي ايشيا جو نيتن ياهو سمجهي پاڪستان کي فلسطين سمجهي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، پر سندن ڪو کڙتيل نه نڪتو، پاڪستان ڪالهه هندستان جي 26 فوجي ٺڪاڻن تي ڪاميابي سان حملا ڪيا ته هفتي کان صرف ڀارت سان رابطن ۾ آيل آمريڪي پرڏيهي ۽ دفاعي وزير پريشان ٿي ويا ته هي ڇا ٿي ويو، جنهن تي صدر ٽرمپ جنهن پهرين هٿ کڻي ورتا هئا ته اسان جو ٻنهي ملڪن سان ڪجهه نه وڃي، فورن جنگ بندي لاءِ ٻنهي ملڪن سان رابطن ۾ اچي ويا.

                 آمريڪا جا ائين پويان پير ڪرڻ اصل ۾ پاڪستان سان ڪا همدردي ڪا نه هين پر انهن چين کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ ڀارت جي جيڪا جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ڪئي ان جي ناڪامي تي هنن پويان پير ڪيا آهن، ته انهن جا اسرائيلي ڊرون، به ناڪام ويا، فرانس جا جهاز به ڪري تباهه ٿي ويا، ميزائل به ڪم نه آيا، ان ڪري اسان هندستان جي آسري تي چين کي ڪئين ڌڪ ڪنداسين، ان جنگ ۾ اصل ۾ چيني جديد ٽيڪنالاجي پوري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. چين هن وقت پوري ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي هر قسم جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ هندستان پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان ۽ چين سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آهي. انهن ڏٺو ته انهن وٽ جديد طاقت آهي، پر گيم اونڌي ٿي وئي آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا چيني ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ئي ٻنهي ملڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هاڻ هو ان جو تجزيو ڪندو ۽ ڪا حڪمت عملي جوڙيندو، ان ڪري هو وقت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.پاڪستان ۽ هندستان جي ڇڪتاڻ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مختلف آهي، هي ٻئي ملڪ ڪافي سالن کان هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا آهن.پراڻا دشمن هڪ وڏي جهيڙي ۾ ڦاسي پيا آهن، هاڻ علائقائي جهيڙي کان ٻاهر نڪري جنگي ميدان ۾ اچي ويا آهن. پهرين ڪشمير جي علائقي تائين ويڙهه ڪندا هئا، هاڻ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي سموري ملڪ کي جنگي هٿيارن سان نشانو بڻائي رهيا آهن. هاڻ ان جنگ ۾ جديد دنيا جا جنگي هٿيار سرعام استعمال ڪري رهيا آهن. جن ۾ بنا پائلٽ وارا ڊرون به شامل آهن. پروپئگنڊا ۾ به نوان طريقا استعمال ڪري ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي غلط معلومات ڏئي هڪ ته عوام ۾ خوف پيدا ڪري رهيا آهن، ٻيو ته پروپئگنڊا وار ۾ به اڳڀرو ٿيڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، جنهن سان جنگ ويتر وڌي رهي آهي. ماضيءَ ۾ به انهن جي جنگ ڪجهه وقت هلي ۽ وري ٺاهه ٿي ويا، ان وقت آمريڪا جا هن علائقي ۾ مفاد هئا ۽ هو فورن جنگ روڪڻ لاءِ تيار هوندو هو پر هن وقت انهن جي ترجيح ڪجهه ٻئي آهي، ان ڪري صدر ٽرمپ چيو ته هي ٻئي اسان جا دوست آهن، ان ڪري اسان ڪنهن کي به روڪڻ جا مجاز ناهيون، هاڻ جڏهن ڇڪتاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي ته ۽ آمريڪا کي اها خبر پئجي وئي آهي ته چين کي انڊيا جي ڏڍ تي روڪڻ واري اسان جي پاليسي غلط هئي ته هاڻ فورن ٽرمپ ۽ سندس ٽيم حرڪت ۾ اچي وئي آهي، صدر ٽرمپ ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ٻنهي ملڪن اسان جي گارنٽي تي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي، هاڻ ڳالهيون ٿينديون، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جيڪو ڪجهه هفتن کان انڊيا سان مسلسل رابطن ۾ هو ۽ ڀارتي حملن تي نيوٽرل ٿي بيٺو هو، هاڻ پاڪستاني جوابي حملن کانپوءِ وزير اعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف عاصم منير سان هنگامي رابطا ڪري جنگ بندي تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي.

آمريڪا کي اها خبر آهي ته هي آمريڪا نه پر پاڪستان جو ويجهو ساٿي چين آهي، جيڪو انهن کي هٿيار، فنڊ ۽ جديد ٽينڪالاجي ڏئي رهيو آهي. ان کانسواءِ ايران، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جهڙا ملڪ به ان صورتحال جو حصو بڻجي رهيا آهن، جن سان چين جا ويجها لاڳاپا آهن، پر انهن ملڪن کي آمريڪا جي اسرائيل جي انڌي مدد ڪرڻ تي سخت خدشا آهن. هو ان ڳالهه کي به نظر ۾ رکي رهيا آهن، ته اسرائيل هندستان جي مڪمل مدد ڪري رهيو آهي، ۽ هي پاڪستان کي نئون فلسطين بڻائڻ جي سازش ۾ مصروف آهن. ان ڪري ئي مسلمان دنيا به ان معاملي تي صاف ظاهر ٿيو بيٺي آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي، ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي جديد ٽينڪالاجي هندستان کي جيڪا طاقت ڏني جيڪڏهن اها جنگ وڌي ٿي ته ايران به پاڪستان جي غير مشروط حمايت ۾ فوجي مدد ڪري سگهي ٿو، ڇو جو انهن کي اسرائيلي ٽيڪنالاجي کي ناڪاره بڻائڻ جو وسيع تجربو آهي. هن وقت به ٻنهي ملڪن جي قيادت جو ڌيان جنگ جي فرنٽ لائين تي آهي.چين ۽ آمريڪا پاڪ ڀارت جنگ ۾ پنهنجي فوجي ۽ انٽيليجنس طاقت کي پرکڻ جا تجربا ڪيا آهن. چين ان ويڙهه ۾ پنهنجي جديد جنگي جهازن ۽ پاڪستان پاران ان ڪارروائي ۾ استعمال ٿيل چيني هٿيارن ذريعي ڊيٽا گڏ ڪري ورتي آهي. سلامتي جي تجزيو ڪندڙن ۽ سفارڪارن جو چوڻ آهي ته چين اهڙي جديد ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن سان هو سرحدن جا تفصيل گڏ ڪرڻ کانسوا هندي سمنڊ ۾ جنگي ٻيڙن جي نگراني، انهن تي هٿيارن جي ترسيل، ۽ فوجي ڪارروائين تي نظر رکڻ جي سيٽلائيٽ صلاحيت رکي ٿو. سنگاپور جي دفاعي ماهر اليگزينڊر نيل جو چوڻ آهي ته چين جا هندستان سان سالن کان سرحدي ۽ پاڻي وارا جهيڙا هلي رهيا آهن. هاڻ چين جي J_10 جيٽ فائٽر جهازن هندستان جا 2 فرانسيسي جنگي جهاز رافيل ڪيرائي تباهه ڪيا آهن. هوائي فوج جي جنگ پوري دنيا لا هڪ غير معمولي موقعو آهي، جنهن ۾ پائليٽن، جنگي جهازن ۽ هوا کان هوا ۾ مار ڪندڙ ميزائلن جي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ويندو. هاڻ هر ملڪ ٻنهي ملڪن جي هوائي فوج جي ڪارڪردگي تي پنهنجي فوج جي خامين ۽ خرابين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

دنيا جون ايٽمي طاقتون هندستان ۽ چين جي صدين پراڻي جنگي صورتحال کي به جاچي رهيون آهن. جن جو 3800 (24،00 ميل) هماليائي سرحد تي 1950ع کان جهيڙو هلي رهيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ 1962ع ۾ مختصر جنگ به ٿي هئي. وري آڪٽوبر 2020 ۾ به ٻنهي ملڪن ۾جهڙپون ٿيون. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وقت چين ان جنگ ذريعي ڀارت جي دفاعي صلاحيت ۽ ان جي ٽيڪنالاجي صلاحيت جي انٽيليجنس ڪري رهيو آهي. جنگ پاڪستان وڙهي رهيو آهي، ۽ فائدو چين وٺي رهيو آهي. لنڊن جي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجگ اسٽڊيز جي ماهرن جو چوڻ آهي ته چين هن وقت 267 سيٽلائيٽس تيار ڪري رهيو آهي، جن ۾ 115 انٽيليجنس نگراني ۽ جاسوسي لا 18 ملٽري اليڪٽرانڪ ۽ سگنلز جي معلومات ۽ نگراني ۽ ٻيا سرحدي صورتحال جي حوالي سان آهن. اهڙي ٽيڪنالاجي آمريڪا وٽ پهرين ئي آهي، ان مان هنن ڪجهه ڀارت کي به ڏني هئي، پر چيني ماهرن ان کي به ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته خلائي ۽ ميزائل کان باخبر هڻ واري صلاحيت چين به حاصل ڪري ورتي آهي، ان ڪري هندستان ان ڪري چين سان مهاڏو اٽڪائڻ کان لنوائي رهيو آهي، ان ڪري هن پهرين پنهنجا اهي هٿيار پاڪستان تي تجرباتي بنيادن تي استعمال ڪيا، پر آمريڪا کي هاڻ خبر پئي آهي، ته انهن جي حڪمت عملي چيني ٽيڪنالاجي اڳيان ڪجهه ٿڌي آهي. پاڪستان ۽ چين جي فوجي ترجمانن ۽ حڪومتن فوجي سيٽلائيٽس ۽ انٽيليجنس جي حوالي سان آيل خبرن تي ڪو تبصرو ڪرڻ کان جواب ڏنو آهي. پر برطانيا ۾ ڀارت جي اعلى سفارتڪار ها ڪمشنر وڪرم ڊرويسوامي اسڪائي نيوز کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان جا چين سان لاڳاپا ڀارت لا انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن، انهن جي سپورٽ نه هجين ها ته پاڪستان اسان اڳيان بيهي به نه سگهي ٿا. چين کي سمورن پاڙيسرن سان هڪ جهڙا لاڳاپا رکڻ گهرجن، جئين اسان به انهن جا پاڙيسري آهيون.

چيني ملٽري انٽيليجنس ۽ هوائي دفاعي نظام جا ماهر ڪروز ۽ بيلاسٽڪ ميزائلن جي معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪئي آهي. هندستان 2018 ۾ روس سان گڏجي براهموس سپرسونگ ڪروز ميزئل تيار ڪيو، هاڻ پوري دنيا ۾ ان جي استعمال تي چرچا هلي رهيا آهن. جڏهن ته پاڪستان “حطف ون” کي پهريون ڀيرو ڪاميابي سان استعمال ڪيو آهي، جنهن تي ڀارت جو چوڻ آهي ته انهن انتهائي تيز رفتار ميزائل فائر ڪيو جو اسان ان کي روڪي به ناهيون سگهيا. هن وقت چين هندي سمنڊ ۾ پنهنجي انٽيليجنس گڏ ڪرڻ لا جديد ٽريڪرز لڳائي ڇڏيا آهن، کين خدشو آهي ته ڀارت هاڻ پاڪستان جي سامونڊي حدفن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو. چين اسپيس ٽريڪنگ سامونڊي جهازن سان گڏ مهاڻن جي ننڍين ننڍين ٻيڙين تي فٽ ڪري ڇڏيا آهن. گذريل هفتي انهن چيني ٽريڪرز خبردار ڪيو هو

ته هندستاني سامونڊي جهاز 120 ناٽيڪل ميل اندر گڏجي حرڪت ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڪستان ڏانهن وڌي رهيا آهن. اوپن سورس ٽريڪر ڊيمن سائمن ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو هو ته ڀارتي سامونڊي مشقن ڀرسان 224 چيني جهازن کي مقرر ڪرڻ جي خبر ملي آهي، جيڪي ڀارتي حرڪتن کي مانيٽر ڪري رهيا آهن. سيڪيورٽي اسڪالر جيمز چار ٻڌايو آهي ته پاڪستان چين کان جديد ترين فوجي هاڊويئر وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جئين ڀارت جي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي.

جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي، حملا ته ٿي ويندا آهن، پر ان جا نقصان ايندڙ نسل ڀريندا آهن، پر هندستان جو جنگي جنون ڪو رڪجڻ وارو ناهي في الحال جنگ بندي ٿي وئي آهي، هوائي سرحدون کلڻ واريون آهن، پر اصل جنگ انهن جي چين سان آهي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا هندستان جي ڪلهي تي ڪڏي اڳيان ڪهڙا قدم ٿو کڻي.