غزه(م ڊ) فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس پاران چيو ويو آهي ته آمريڪي وفد سان دوح ۾ گذريل هفتي ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب حماس اڳواڻ طاهر النونو چيو آهي ته ملاقاتن ۾ ٻٽي شهرين وارن يرغمالين مان هڪ جي آزادي تي ڳالهه ٻول ٿي. حماس اڳواڻ جو چوڻ هو ته فلسطيني عوام جي مفاد لاءِ اسان هاڪاري ۽ لچڪ وارو رويو رکيو، جنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ عزه جنگبندي معاهدي جي مرحلن تي عملدرامد تي ڳالهيون ٿيون آهن. حماس ترجمان چيو ته آمريڪي وفد کي ٻڌايو ته جنگبندي جي معاهدي تحت يرغمالين جي آزادي جي مخالفت نه ٿا ڪريون.  خابرو ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيوف وٽڪوف گذريل هفتي وائيٽ هائوس ۾ صحافين کي ٻڌايو هو ته نيو جرسي سان تعلق رکندڙ 21 ورهين جي ايڊن اليگزنيڊر کي آزاد ڪرائڻ انهن جي پهرين ترجيح آهي. غزه ۾ حماس جي قيد ۾ موجود ايڊن ،اليگزينڊر کي غزه م آخري زنده آمريڪي يرغمالي سمجهيو پيو وڃي. ايڊنل اليگزينڊر اسرائيلي فوج ۾ شامل هو. ٻئي پاسي عرب ميڊيا موجب غزه جنگبندي معاهدي جي ايندڙ مرحلي لاءِ اڄ کان دوح ۾ ڳالهين جي شروعات ٿيڻ جو امڪان آهي.