تهران (م ڊ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي تازين فوجي مشقن  جي جواب ۾ ايران طرفان پنهنجي فوجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ زمين اندر بيس جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي. ايران جي سرڪاري ٽي وي تان جاري ڪيل وڊيو ۾ مختلف جنگي جهاز ۽ ڊرونز ”ايگل 44“ نالي بيس اندر بيٺي ڏسي سگهجن ٿا. ايران طرفان بيس جو اصل هنڌ ظاهر ناهي ڪيو ويو پر ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي بمباري کان تحفظ کي نظر ۾ رکندي اهو بيس جبل کوٽي ٺاهيو ويو آهي. جاري ڪيل فوٽيج ۾ جنگي جهازن کي ڏينهن ۽ رات جي وقتن ۾ بيس مان اڏام ڀرڻ جي مشن جي روانا ٿيندي ۽ هدفن کي نشانو بڻائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ايران طرفان ايگل 44 بيس جي افتتاح کان ٻه هفتا اڳ اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان هزارين فوجين، ڪيترن ئي جهازن ۽ نيول ويسل سميت آرٽلري سسٽمز سان فوجي مشقون ڪيون ويون، جن کي ايران لاءِ هڪ واضح پيغام سمجهيو پئي ويو. بيس جي افتتاح جي موقعي تي ايراني فوج جي ڪمانڊر انچيف عبدالرحمان موسوي چيو ته دشمنن جيڪڏهن اسان جي طاقت جو غلط اندازو لڳايو آهي ته اسان جون ڪجهه صلاحيتون ڏسي درستگي ڪن، ان سان خطي ۽ دنيا ۾ امن ٿيندو.