واشنگٽن(م ڊ) ريپبلڪن سينيٽرز آمريڪا کي گڏيل قومن مان ڪڍڻ ۽ ان جي فنڊنگ روڪڻ جو بل آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. ريپبلڪن سينيٽر مائيڪ لي موجبان بل ۾ آمريڪا جي گڏيل قومن ۽ ان جي ذيلي ادارن مان مڪمل نيڪالي، فنڊن جي بندش ۽ گڏيل قومن سان ڪيل معاهدا ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي جيڪو ان کي نيويارڪ ۾ هيڊڪوارٽر رکڻ جو حق ڏئي ٿو. بل ۾ آمريڪا ۾ گڏيل قومن جي ملازمن لاءِ سفارتي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي، هوڏانهن ريپبلڪن ميمبرن به ڪانگريس ۾ اهڙي قسم جو بل پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.