آمريڪا پاڪستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام دهشتگردن ۽ انتهاپسندن هٿان تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، دهشتگرد گروپن جو پتو لڳائي انهن کي روڪڻ ۽ جواب ڏيڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي موقعن جي نشاندهي لاءِ حڪومتي اڳواڻن ۽ سول ادارن سان ڳالهين لاءِ پرعزم آهيون، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي رپورٽس کان آگاهه آهيون، حملن ۾ مارجي ويلن جي وارثن ۽ متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪيون ٿا، پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀائيواري جاري آهي، اهڙي قسم جي خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي ۽ سويلين صلاحيتون وڌائڻ تي مشاورت ۽ اعليٰ سطحي ڊائيلاگ ان ۾ شامل آهي