واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا اسرائيل کي 3 ارب ڊالرن جي هٿيارن ۽ بلڊوزر وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. غيرملڪي ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميا پاران معاهدن جي منظوري ڏني، جن ۾ غزه تي استعمال ٿيندڙ آمريڪي هٿيار به شامل آهن، آمريڪي ڊفينس سڪيورٽي ڪوآپريشن ايجنسي جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اسرائيل کي 2.4 ارب ڊالرز جي باڊيز بم ۽ ٻيا هٿيار وڪرو ڪرڻ تي صحيون ٿيون، آمريڪي ايجنسي موجب پرڏيهي وزير اسرائيل کي وڌيڪ هٿيارن جي وڪرو لاءِ پرعزم آهي، اسرائيل کي ان جي دفاع لاءِ تيار ڪيو وڃي پر ان جي صلاحيتن کي به وڌايو وڃي.