ميونخ(م ڊ) سعودي عرب جي اڳوڻي انٽيليجنس چيف شهزاده ترڪي غزه لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اعلان رد ڪندي ”مارشل پلان“ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. عرب خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ سعودي عرب جي اڳوڻي انٽيليجنس چيف شهزاده ترڪي الفيصل غزه جي ماڻهن کي نيڪالي ڏيڻ واري ٽرمپ جي اعلان کي رد ڪندي چيو ته آمريڪي صدر جو منصوبو ڪٿي به نه وڪامندو. شهزاده ترڪي عزه لاءِ نئون پلان تجويز ڪندي چيو ته غزه لاءِ آمريڪي صدر جي تجويز عمل نه ٿيڻ جوڳي آهي، واشنگٽن کي غزه جي بحالي لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اتي ماڻهو پنهنجي سر زمين تي رهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ هڪ عرب امن پلان آهي جيڪو مڪمل جامع ۽ متبادل آهي. ان ذريعي علائقي ۾ جنگ جو خاتمو ٿيندو۽ امن قائم ٿي سگهي ٿو. اڳوڻي انٽيليجنس چيف چيو ته آمريڪا ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپ لاءِ منظور ڪيل مارشل پلان کي غزه لاءِ به لاڳو ڪري سگهي ٿو. جنهن ۾ آمريڪا پوري خطي جي نئين سر تعمير ۽ غزه جي پٽ يکي اڪيلو ڇڏي ته جيئن اتي جا ماڻهو امن ۽ سڪون سان رهي سگهن. ڇو جو مارشل پلان تحت يورپين نئين سر اڏاوت کان پوِ اتي منتقلي نه ڪئي هئي. ياد رهي ته ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ آمريڪا جي طفان يپرپ جي لاءِ هڪ مارشل پلان منظور ڪيو ويو هو، جنهن تحت مغربي يورپ کي اقتصادي امداد ڏني وئي هئي.