واشنگٽن/بيجنگ(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چين سان ٽيرف معاهدو تمام جلد ممڪن آهي ۽ ان تي لاڳو ٽيرف کي به گهٽائي سگهجي ٿو. وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چين تي لاڳو 145 سيڪڙو درآمدي ٽيرف کي گهٽ ڪيو ويندو پر هن اهو واضح نه ڪيو ته ڪيتري گهٽتائي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ڊيلنگ تمام سٺي ڪنداسين، چين کي معاهدو ڪرڻو ئي پوندو، چين معاهدو نه ڪيو ته اسان ڊيل طئي ڪنداسين. هوڏانهن چيني پرڏيهي وزارت جي اختيارين چيو آهي ته اسان آمريڪا سان واپاري ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجياڪن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته چين اڳ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته ٽيرف ۽ واپاري جنگين ۾ ڪا ڌر فاتح ناهي ٿيندي. هن چيو ته ڳالهين لاءِ دروازو مڪمل طور کليل آهي ۽ چين آمريڪا سان واپاري ڳالهين لاءِ مڪمل طور تيار آهي