آمريڪا مخالف حڪومتون ڪيرائڻ جو طريقيڪار ۽ نام نهاد “اسٽوڊنٽ پروٽيسٽرز”

0
31
آمريڪا مخالف حڪومتون ڪيرائڻ جو طريقيڪار ۽ نام نهاد “اسٽوڊنٽ پروٽيسٽرز”

شيخ حسينه واجد بنگلاديش ۾ فوجي حڪومتن مان جان ڇڏائي. هن جي دور ۾ بنگلاديش معاشي طاقت بنجي ويو. هن جي دور ۾ معاشي ترقي جي تيز رفتاري کي ڏسندي، معاشي ماهرن اندازو لڳايو ته مستقبل قريب ۾ بنگلاديش انڊيا کي پوئتي ڇڏي ايشين ٽائيگر بنجي ويندو. پوءِ اهي ڪهڙيون حالتون پيدا ٿيون جو لڳاتار 16 سال حڪومت ڪندڙ شيخ حسينه واجد 5 آگسٽ تي ملڪ ڇڏي هلي ويئي. شيخ حسينه واجد شيخ مجيب الرحمان جي وڏي ڌيءَ آهي، هوءَ 1947ع ۾ پيدا ٿي. هن ڍاڪا يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي. 1968ع ۾ هن جي شادي ائٽمي سائنسدان ايم. اي واجد سان ٿي. 1975ع ۾ جنرل ضياءِ الرحمان جي اڳواڻي ۾ فوجي بغاوت جي نتيجي ۾ شيخ مجيب الرحمان کي سڄي خاندان سميت قتل ڪيو ويو، شيخ حسينا ۽ ان جي ڀيڻ ريحانا جرمني ۾ هجڻ جي ڪري زنده بچي ويون. شيخ حسينا واجد خود ساخته جلاوطني هندوستان ۾ گذاري. 1981ع ۾ جنرل ارشاد ٻي فوجي بغاوت ڪري جنرل ضياءُ الرحمان کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ حسينا واجد جلاوطني ختم ڪري واپس پنهنجي وطن آئي. ڍاڪا ۾ ان جو زبردست استقبال ڪيو ويو، هن عوامي ليگ جي قيادت سنڀالڻ شرط هن ملڪ ۾ فوجي حڪومت جي خاتمي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جنرل ضياءُ الرحمان جي زال BNP جي اڳواڻ خالده ضياءُ سان اتحاد ڪيو. ملڪ ۾ سياسي جماعتن جي جدوجهد کانپوءِ جنرل ارشاد کي 6 سيپٽمبر 1990ع تي پنهنجو اقتدار ڇڏڻو پيو. 1991ع ۾ اليڪشنون ٿيون، جنهن ۾ شيخ حسينا واجد کي 88 سيٽون مليون ۽  BNP140 سيٽون کٽيون. ان جي ڪري خالده ضياءُ بنگلاديش جي پهرين عورت وزير اعظم ٿي، شيخ حسينه واجد پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي اڳواڻي ڪندي رهي. پنجن سالن کانپوءِ 1996ع جي اليڪشن ۾ حسينه واجد وزير اعظم ٿي ويئي. ان کانپوءِ سال 2001ع جي اليڪشن ۾ وري خالده ضياءُ وزير اعظم ٿي. شيخ حسينا واجد تي ڪرپشن جا الزام لڳا. ان ڪري جيل ۾ به رهي ۽ جلاوطن ٿي ٻاهر هلي ويئي. آگسٽ 2004ع ۾ حسينه واجد تي هڪ جلسي ۾ 13 دستي بم اڇلايا ويا، جنهن جي ڪري 24 ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، ان حملي جي ذميواري جماعت المجاهدين نالي پارٽي قبول ڪئي. هن حملي ۾ شيخ حسينه واجد شديد زخمي ٿي پئي، هن جي ياداشت متاثر ٿي ويئي. 2007ع ۾ فوج جي مدد سان بنگلاديش ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ٺاهي ويئي. ڊسمبر 2008ع ۾ چونڊون ٿيون، ان ۾ شيخ حسينه واجد جنرل ارشاد جي جاتيا پارٽي سميت 14 پارٽين سان اتحاد ڪري اليڪشن ۾ 263 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. سن 2009ع ۾ شيخ حسينه واجد ٻيون دفعو وزير اعظم ٿي، ان کان پوءِ مسلسل 16 سال حڪومت ڪندي رهي. جڏهن حسينه واجد وزير اعظم ٿي بنگلاديش ۾ انتهائي غربت هئي.

2008ع ۾ پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 7 ارب ڊالر هئا، جيڪي 2021ع تائين وڌي 28 ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تي وڃي پهتا. 2008ع ۾ ملڪ جي ايڪسپورٽ 16 ارب ڊالر هئي، جيڪا وڌي وڃي 60 ارب ڊالر تي پهتي. 2008 ۾ Per Capita income  630  ڊالر هئي، اها وڌي 2784 ڊالر تائين وڃي پهتي.

ورلڊ بئنڪ ۽ IMF جون رپورٽون ٻڌائن ٿيون ته “بنگلاديش تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. جيڪو جلد ڀارت، انڊونيشيا، فلپائين سميت ايشيا جي ٻين ملڪن کي ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي ڇڏي ڏيندو. ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جي مطابق شيخ حسينه واجد جي دور ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان ٻاهر نڪري آيا. انهيءَ رپورٽ جي مطابق، “بنگلاديش 1971ع ۾ غريب ترين ملڪن ۾ شامل هو.2015ع ۾ هن ملڪ Lower-middle income status حاصل ڪيو. انهي رفتار سان ترقي ڪندو رهيو ته 2026ع تائين گهٽ ۾ گهٽ ترقي يافته ملڪن جي لسٽ ۾ اچي ويندو. غربت جي شرح 2010ع ۾ 11.8 سيڪڙو هئي، اها 2022ع ۾ 5 سيڪڙو وڃي بچي آهي. شرح خواندگي ۾ اضافو ٿيو آهي. بجلي جي سهولت عام ٿي ويئي آهي.” هن جي دور ۾ وڏا وڏا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا. مثال طور 12 ارب ڊالر جي خرچ سان پناپل جو منصوبو ڪامياب ٿيو. سوال اهو آهي ته پوءِ ماڻهو شيخ حسينه جا مخالف ڇو ٿيا. شايد نوڪرين جي ڪوٽا جي مسئلي تي شاگرد ناراض ٿيا هوندا.

سائوٿ ايشيا ۽ سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ چين ۽ انڊيا آبادي جي لحاظ کان دنيا جا وڏا ملڪ آهن. انهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڀروارن ملڪن ۾ آمريڪا پنهنجن ماڻهن جي معرفت مظاهرا، هنگاما، مار ڌاڙ ۽ افراتفري پيدا ڪرائي ٿو. جنهن ۾ يوڪرين، مڊل ايسٽ، پاڪستان ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ اها صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي.

11 آگسٽ 2024 تي New Eastern Outlook  اخبار لکيو آهي ته آمريڪي حڪومت بنگلاديش جي ميڊيا جي فنڊنگ ڪري ٿي. نومبر 2023ع ۾ وائيس آف آمريڪا پنهنجي مضمون ۾ قبول ڪيو آهي ته بنگلاديش ۾ مقرر آمريڪي سفير پيٽر هاس اتي جي مخالف پارٽين سان ملندو رهيو آهي، انهن جي مدد ڪندو رهيو آهي. اهو شيخ حسينا جي مخالف گروپن ۾ انتهائي مقبول آهي. آمريڪا جي حڪومت شيخ حسينا تي دٻاءُ وجهندي رهي آهي ته ايندڙ اليڪشن آمريڪا جي خواهش مطابق فري ۽ فيئر هجڻ کپن. وائيس آف آمريڪا پنهنجي مضمون ۾ اهو به قبول ڪيو آهي ته شيخ حسينا واجد چيو آهي ته منهنجي خلاف ملڪ ۾ ٿيندڙ مظاهرن جي پٺيان آمريڪي سفير پيٽر هاس اسان جي ملڪ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي. هتي مخالف پارٽي BNP ۽ ٻين مخالف ڌڙن جي مدد ڪري هنگاما ڪرائي رهيو آهي.

جيئن آمريڪا جون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مظاهرا ڪرائڻ لاءِ تمام گهڻيون مارڌاڙ ڪندڙ تنظيمون ٺهيل آهن. اهڙي ريت بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي ۽ ٻيون  نام نهاد سول سوسائٽي جون آمريڪا نواز تنظيمون آهن. جن کي آمريڪي حڪومت فنڊنگ ڪري ٿي. اهي سڀ گڏجي آمريڪا مخالف حڪومتن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان کي ڪيرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهو ڏٺو ويو آهي ته گهڻي وقت کان ڍاڪا يونيورسٽي جي پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردن، جن ۾ ناهيد اسلام ۽ نصرت تبسم جا پروفائيل Front Line طور تي ٺهيل آهن. انهن کانسواءِ ٻين شاگرد اڳواڻن کي آمريڪا، يورپي يونين جون حڪومتون ۽ اوپن سوسائٽي (Open Society)  وارا فنڊ ڏين ٿا. جيئن ته شروع کان وٺي آمريڪا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ حڪومتون ڪيرائڻ ۾ شامل ۽ بدنام رهيو آهي. ان جي ڪري آمريڪا سڌي ريت فنڊ ڏيڻ جي بجاءِ بنگلاديش ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جي معرفت فنڊنگ ڪري ٿو.

ڍاڪا يونيورسٽي جو پوليٽيڪل سائنس ڊپارٽمينٽ  Activist ليڊر پيدا ڪري ٿو. اهي پنهنجون سرگرميون مغرب جي تنظيمن ۽ فورمن جي هدايتن مطابق ادا ڪن ٿا. انهن پراجيڪٽن ۾ ان ڊپارٽمينٽ جا پروفيسر به شامل آهن. هڪ پراجيڪٽ جنهن جو نالو آهي “بنگلاديش ۾ ڪوڙي معلومات کي روڪڻ”. ان ڪم ۾ پروفيسر صائمه احمد ۽ ڊاڪٽر ڪجل اسلام پراجيڪٽ جا ٽيم ليڊر آهن. هن جي فنڊنگNational Endowment for Democracy NED  ڪري ٿي، ان پراجيڪٽ ۾ شاگردن جي لاءِ آمريڪا جي Full Bright اسڪالرشپ شامل آهي. ان مان اندازو لڳايو ته اسڪالرشپ جي نالي تي آمريڪا جو ڪيترو پئسو خرچ ٿئي ٿو. اسڪالرشپ کان موٽي ايندڙ شاگرد واپس وڃي آمريڪي مفادن جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. آمريڪا اهڙن شاگردن جي معرفت ۽ ٻين مخالف قوتن کي گڏائي حسينه واجد جي حڪومت ڪيرائي ڇڏي آهي. آمريڪي سامراج شاگردن کي Full Bright  اسڪالرشپ جي ذريعي تربيت ڪري دنيا ۾ پنهنجن مخالفن جون حڪومتون ڪيرائڻ لاءِ سڀ کان پهريائين “Student Protestors” کي تربيت ڏيئي انهن کي استعمال ڪري ٿو. اهو آمريڪا جو عالمي ليول تي طريقيڪار رهيو آهي. 2004ع ۾ لنڊن جي The Guardian اخبار قبول ڪيو ته آمريڪا اوڀر يورپ جي ملڪن کي ٽارگيٽ ڪيو، انهن ۾ بيلاروس، سربيا، يوڪرين ۽ جارجيا ۾ بدامني ڦهلائڻ شروع ڪئي. اخبار لکيو ته “اها انتهائي نفيس، وڏي مهارت واري مهم آمريڪا جي پيداوار آهي. جيڪا هن يورپ جي چئن ملڪن کان شروع ڪئي. جنهن ۾ ان جو مقصد هو اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائي مخالف حڪومتن کي ڪيرائڻ. ان ڪم لاءِ پئسا، صلاحڪار، ماهر ۽ سفارتڪارن جو بندوبست آمريڪي حڪومت ڪيو. جن سن 2000ع ۾ بلغاريا جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرائي سلوبوڊن ميلا سووچ کي هارائي ڇڏيو.” ساڳيو تجربو 2011ع ۾ مڊل ايسٽ ۽ اتر آفريڪا ۾ استعمال ڪيو ويو.نيويارڪ ٽائيمز اخبار مطابق “انٽرنيشنل ريپبليڪيشن انسٽيٽيوٽ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ انسٽيٽيوٽ ۽ فريڊم هائوس جي خرچ تي سوين ماڻهن ۽ گروپن کي بغاوت جي تربيت ڏني ويئي. اها ڳالهه آمريڪي سفارتڪار پنهنجي ڏنل انٽرويو ۾ ڪئي، اها ڪيبل وڪي ليڪس ظاهر ڪئي آهي. 2004ع جي دي گارجين اخبار جي آرٽيڪل ۾ چيل آهي ته “NED” اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ انهن جون پائنيئر ڪمپنيون گوگل ۽ فيس بڪ به انهيءَ ڪم ۾ شامل رهيا آهن. اهڙي نموني سان 2011ع ۾ عربن جي ملڪن ۾ بدامني پيدا ڪري لبيا، مصر، تيونس ۽ شام کي اخوان المسلمين ۽ القاعده جهڙين دهشت پسند تنظيمن ذريعي تباهه ڪيو ويو. ان سان گڏ 2014ع ۾ يوڪرين جي حڪومت نيونازي دهشتگرد تنظيمن جي ذريعي ڪيرائي ويئي. انهن سڀني دهشتگرد تنظيمن آمريڪا جي چوڻ تي آمريڪي مخالف حڪومتون ۽ ملڪ تباهه ڪيا. اهڙي طرح سان آمريڪا حسينه واجد تي پنهنجي سفير جي معرفت دٻاءُ وجهندو رهيو ته جنوري 2024ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن جا نتيجا آمريڪا جي خواهش مطابق هجڻ گهرجن. پوءِ توهان ڏٺو ته آمريڪا شيخ حسينه جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ شاگردن جي مظاهرن وارو هٿيار استعمال ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. ٽائيم مئگزين جي آرٽيڪل مطابق “بنگلاديش ۾ احتجاج ڪندڙ شاگرد اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عارضي حڪومت جو اڳواڻ نوبل انعام يافته محمد يونس کي ڪيو وڃي.” اهي شاگرد اڳواڻ ڍاڪا يونيورسٽي جي پوليٽيڪل سائنس شعبي سان تعلق رکن ٿا. جيڪي خود Full Bright اسڪالرشپ مان مستفيد ٿيل آهن ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ کين مليل آهن، انهن ۾ آمريڪي صدارتي ايوارڊ 2009ع ڪانگريس جو گولڊ ميڊل ايوارڊ 2013ع ۾ڏنو ويو. ميانمار جي آنگ سان سوچي کي نوبل انعام مليل آهي. اهي آمريڪا جا پراڪسي آهن، بنگلاديش ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ تعليم جي اندر آمريڪا جي وڏي مداخلت ڪيل آهي.