ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئر پورٽ تان ڪسٽم اختيارين آمريڪا کان آيل عورت جي سامان مان هڪ ڪروڙ 40 لکن جو نان ڪسٽم پيڊ سامان هٿ ڪري ورتو. ڪسٽم اختيارين موجب صائمه  آمريڪا کان قطر رستي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتي، سندس سامان مان آءِ فون، ميڪ بوڪ، گيمنگ ليپ ٽاپ، هينڊ بيگ ۽ برانڊيڊ شُوز مليا، هٿ ڪيل شين جي ماليت هڪ ڪروڙ 40 لک آهي، جن تي ڪسٽم ڊيوٽي  50 لک ٿئي ٿي، مسافر عورت کي گرفتار ڪيو ويو آھي