واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس اتحادي ارب پتي بزنس مين ايلون مسڪ جي فيصلن خلاف وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو پيو وڃي، واشنگٽن ۾ سڀ کان وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ٽرمپ ۽ مسڪ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪرائيندڙ گروپ انڊيوسيبل جي شريڪ باني ايزرا ليون جو چوڻ آهي ته اسان نٿا چاهيون ته اسان جي جمهوريت، برادرين، اسڪولن، دوستن ۽ پاڙيسرين ۾ هنن جا هٿ هجن، آمريڪا جي 50 رياستن کان علاوه ڪئناڊا، برطانيا، فرانس، جرمني، ميڪسيڪو، پرتگال ۾ ريلين جو پروگرام رٿيو ويو، سڀ کان وڏي ريلي واشنگٽن ۾ آهي. هوانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هي اقتصادي انقلاب آهي ۽ اسان ئي کٽنداسين، سختي سان بيٺل آهيون، اسان نوڪريون ۽ ڪاروبار واپس آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته هي آسان نه هوندو پر آخري نتيجو تاريخي هوندو، اسان آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائينداسين، چين کي آمريڪا جي مقابلي ۾ وڌيڪ نقصان پهتو آهي، چين ۽ ٻين قومن اسان سان ناقابل برداشت برو سلوڪ ڪيو آهي.