آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هينري ڪيسينجر هڪ ڀيري چيو هو ته، “آمريڪا سان دشمني خطرناڪ آهي پر آمريڪا سان دوستي موتمار آهي!” ڪيسينجر اها ڳالهه ڪهڙي پس منظر ۾ ڪئي هئي، سو ته پتو ناهي پر اهو واضح آهي ته هن آمريڪا سان دوستي ۽ دشمني جي امڪاني خطرن بابت آگاهه ڪيو هو. اسان جيڪڏهن ٿورو ماضيءَ تي نظر ڊوڙايون ته اهڙن ڪيترن ئي ملڪن ۽ حڪمرانن جا مثال ملن ٿا، جيڪي آمريڪا سان دشمني نه پر دوستيءَ جي نتيجي ۾ برباد ٿيا.
70ع واري ڏهاڪي ۾ ويٽنام جنگ جو مثال کڻو. جڏهن آمريڪا، ڏکڻ ويٽنام جي هر حوالي سان ڀرپور مدد ڪئي. پر جڏهن 1975ع ۾ جنگ جو خاتمو ٿيو ته ڏکڻ ويٽنام نالي ڪو ملڪ باقي نه رهيو هو. ايئن ئي شاهه ايران رضا شاهه پهلوي آمريڪا جو جهڙو سڳو پٽ هجي! جنهن جي هن معاشي توڙي فوجي مدد ڪئي پر جڏهن سندس آپيشاهي ايراني انقلاب کي جنم ڏنو ته انهن ماڻهن جو زندگيون داءُ تي لڳي ويون، جن آمريڪا جي حمايت ڪئي هئي. افغان ويڙهه ۾ اهي ئي طالبان آمريڪا جي اکين جا تارا هئا پر روس جي شڪست ۽ طالبان جي ٻيهر ڪنٽرول کانپوءِ آمريڪا ايئن اکيون ڦيريون، ڄڻ طالبان کي سڃاڻندو ئي نه هو. 80ع واري ڏهاڪي ۾ وچ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ گوئيٽي مالا، ايلسلواڊور وغيره ۾ آمريڪي حمايتي حڪومتن ماڻهن مٿان عذاب نازل ڪيا پر جڏهن آمريڪا سندن حمايت تان هٿ کنيو ته انهن حڪمرانن ۽ سندن ڇاڙتن جو حشر خراب ٿيو. مصر جو حسني مبارڪ ڪيتري ئي عرصي تائين آمريڪا جي حمايت سان اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل رهيو پر جڏهن عرب اسپرنگ ۾ عوام جو وڏو انگ ٻاهر نڪري آيو ته آمريڪا جو اهو ئي رويو هو ته، “حسني مبارڪ ڪير آهي؟” اهڙو ئي حال اڄڪلهه يوڪرين جو آهي.
هونئن ته آمريڪا جا يوڪرين سان 90ع واري شروعات ۾ ان جي آزادي کان وٺي معمول جا لاڳاپا هئا پر جڏهن 2014ع ۾ روس چڙهائي ڪري ڪريميا تي قبضو ڪيو ته آمريڪا، يوڪرين جو دفاعي پارٽنر ٿي ويو ۽ کيس فوجي امداد ڏيڻ شروع ڪيائين. 2022ع ۾ روس-يوڪرين جنگ کانپوءِ آمريڪا، يوڪرين جو سڀ کان وڏو حمايتي ٿي اڀريو ۽ هن جنگ ۾ يوڪرين جي اربين ڊالرن جي مدد ڪئي، جنهن تي يوڪريني صدر زيلنسڪي آمريڪي ڪانگريس جي گڏيل سيشن ۾ اچي آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا پڻ مڃيا هئا. پر ٽرمپ جا خيال بائيڊن کان مختلف هئا. ٽرمپ پنهنجي چونڊ جلسن ۾ اهو چوندو رهيو هو ته هو صدر ٿي جنگ جو خاتمو ڪندو، ڪيئن ڪندو، ان جا تفصيل هن نه ٻڌايا. صدارتي منصب سنڀالڻ کانپوءِ ٽرمپ جڏهن پيوٽن کي فون ڪئي ته اهو يوڪرين کانسواءِ امن ڳالهين جو آغاز هو، جنهن تي يوڪرين ناراضگي ۽ يورپي ملڪن حيرت جو اظهار ڪيو. بعد ۾ سعودي عرب جي شهر رياض ۾ آمريڪا ۽ روس جي نمائندن وچ ۾ ڊائيلاگ دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، انهن ڳالهين جو نه ته يوڪرين کي پتو هو، نه ئي انهن جي موجودگي کي ضروري سمجهيو ويو. ان بعد زيلنسڪي ۽ آمريڪا جا يورپي اتحادي ٽرمپ کي چوندا رهيا ته هو اهڙيون سيڪيورٽي ضمانتون ڏي، جنهن سان ٻئي ڌريون معاهدي جون پابند رهن پر ٽرمپ اهو چئي انڪار ڪيو ته پيوٽن سندس عزت ڪري ٿو ۽ معاهدي جي پاسداري لاءِ اهو ئي ڪافي آهي. گذريل مهيني آمريڪا، يوڪرين کي آڇ ڪئي ته هو ملڪي معدني ذخيرن جو 50 سيڪڙو آمريڪا حوالي ڪري، جنهن سان جنگي خرچن جو پورائو ڪري سگهجي. جنهن بعد کيس روس جي حوالي سان سيڪيورٽي ضمانت ڏني ويندي. پهرين ته يوڪرين انڪار ڪيو ته ان معاهدي ۾ آمريڪا پنهنجي مفادن جو وڌيڪ خيال رکيو آهي پر نيٺ زيلنسڪي ان تي راضي ٿيو ته جيڪڏهن آمريڪا سيڪيورٽي ضمانت جا تفصيل ٻڌائي ٿو ۽ اها پڪ ڏئي ٿو ته روس هميشه وانگر معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪندو ۽ ديرپا امن کي يقيني بڻائي ٿو ته هو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ان ئي ارادي سان جڏهن يوڪريني صدر اوول آفيس پهتو ته ان جي شروعات معمول جي سفارتي آدابن سان ٿي. زيلنسڪي، ٽرمپ کي يوڪريني باڪسر جو بيلٽ ڏنو ته ٽرمپ سندس لباس جي تعريف ڪئي. پر ڪجهه ئي وقت کانپوءِ عالمي ميڊيا آڏو منظر ئي بدلجي ويو. اهڙو لقاءَ ان کان اڳ نه ڪڏهن وائيٽ هائوس ۾ پيش آيو، نه ئي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو. ٽرمپ ۽ سندس نائب صدر جهڙي نموني زيلنسڪي جو ڪلاس ورتو، ان کي سولي سنڌيءَ ۾ گهر گهرائي بي عزتي ڪرڻ ئي چئي سگهجي ٿو. هڪدم ٿڌو ماحول گرماگرمي، تلخ جملن، الزامن، ڌمڪين ۾ بدلجي ويو. ٽرمپ جهڙي ريت سفارتي آدابن جون ڌڄيون اڏايون، اهڙو واقعو ڪنهن ملڪي ليڊر سان شايد ئي ڪڏهن پيش آيو هجي. پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته اهو سڀ اڳواٽ رٿابندي سان ٿيو يا اهو پاڻمرادو عمل هو پر گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته پوري عالمي ميڊيا آڏو اهڙو تماشو ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، اهڙي ميٽنگ بند ڪمري ۾ ٿيڻ گهرجي ها. ٽرمپ جو خيال آهي ته زيلنسڪي امن نه پر جنگ چاهي ٿو ۽ آمريڪا ان جي وڌيڪ حمايت نٿو ڪري سگهي. ٻئي پاسي زيلنسڪي جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي روس بدران يوڪرين جي وڌيڪ حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ روس کي رعايت نه ڏيڻ گهرجي جو اهو يوڪريني عوام جو قاتل آهي. ان واقعي بعد نه ته ڪو معاهدو ٿيو، نه گڏيل پريس ڪانفرنس. زيلنسڪي پنهنجي وفد سميت وائيٽ هائوس مان هليو ويو ۽ ميز تي رکيل معاهدو ۽ قلم جيئن جو تيئن رهجي ويا. رڳو 50 منٽن اندر يوڪرين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا جهٽڪي سان اچي پٽ پيا. اڳوڻي ڪاميڊين ۽ اڳوڻي ريئلٽي اسٽار وچ ۾ اهڙو مقابلو شايد ئي ڪنهن ڏٺو هجي.
جڏهن زيلنسڪي ان کان اڳ وائيٽ هائوس آيو هو ته جو بائيڊن نه رڳو سندس ڪنهن هيرو جيان آجيان ڪئي پر روس خلاف جنگ ۾ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو هو پر ٽرمپ ان جي ابتڙ يوڪرين جي پاسي هجڻ بدران اهو چيو ته هو فقط “ٽياڪڙ” آهي. هن کي يوڪرين بدران آمريڪا جي اربين ڊالرن جي امداد جي ڳڻتي هئي ۽ يوڪرين مٿان اهي به الزام هئا ته ان جو گهڻو حصو ڪرپشن جي ور چڙهي ٿو وڃي، جنهن جي يوڪرين ترديد ڪندو رهيو آهي ته هڪ هڪ پائي جو حساب وٽن موجود آهي. بهرحال هن تباه ڪن گڏجاڻي کان اڳ ٽرمپ چاهيو پئي ته کيس يوڪرين جا معدني ذخيرا حاصل ٿين ۽ زيلنسڪي سيڪيورٽي ضمانت پئي چاهي، ٻنهي کي ڪجهه حاصل نه ٿيو. هاڻي ٽرمپ چاهيندو ته يوڪرين کي هٿيارن جي اها کيپ جنهن جي منظوري اڳوڻي صدر جو بائيڊن ڏني هئي، اها رد ڪئي وڃي. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته اها يوڪرين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جي پڄاڻي هوندي. هاڻي جڏهن زيلنسڪي ٽرمپ هائوس مان بي آبرو ٿي نڪتو آهي ته هو آمريڪا تي وڌيڪ نٿو ڀاڙي سگهي. هاڻ هن جو واحد آپشن يورپي ملڪ آهن. يوڪرين ۽ زيلنسڪي جو مستقبل هاڻ يورپي ملڪن جي هٿن ۾ آهي ته هو ان کي ڪيئن ٿا ان بحران مان ٻاهر ڪڍن. پر جيڪڏهن زميني حقيقتن جي ڳالهه ڪجي ته يورپي ملڪ گڏجي به يوڪرين کي اهو ڪجهه نٿا ڏئي سگهن، جيڪو آمريڪا ڏئي سگهي ٿو. يورپ ايترا هٿيار، ميزائيل ۽ دفاعي نظام ڏيڻ جي قابل ناهي، جيڪو هن وقت آمريڪا ڏئي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو يورپي ملڪ يوڪرين جي حمايت ته ڪري رهيا آهن پر سهڪار لاءِ وري به آمريڪا ڏانهن واجهائي رهيا آهن. اڄ لنڊن ۾ يورپي ملڪن جي سمٽ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ان سموري معاملي تي ويچاريو ويندو. اهو به امڪان آهي ته اهو نقطو به غور هيٺ اچي ته هاڻ آمريڪا کان “دفاعي آزادي” حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي يا نه؟ جيڪو به ٿئي پر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر هينري ڪيسينجر جي ان ڳالهه کي درست ثابت ڪيو آهي ته “…آمريڪا سان دوستي موتمار آهي”، ان تي غالب جو اهو شعر به ٺهڪي اچي ٿو ته،
“هوئي تم دوست جس ڪي، دشمن اسا ڪا آسمان ڪيون هو”!