واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس استعيفا ڏئي ڇڏي، دنيا کي آمريڪا جي پرڏيهي پاليسين جي وضاحت ڏيندڙ نيڊ پرائس ايندڙ هفتي پنهنجو عهدو ڇڏي ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب نيڊ پرائس هاڻ پرڏيهي کاتي ۾ ئي هڪ نئين ذميواري نڀائيندو، هو سڌي ريت آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي ماتحت ڪم ڪندو. نيڊ پرائس پريس بريفنگ ۾ چيو ته آئون استعيفا ڏئي ڇڏي آهي پر 17 مارچ تائين ”ٽيلي فونڪ“ بريفنگ ڏيندو رهندس، جڏهن ته هيءَ منهنجي آخري ”آن ڪيمرا“ بريفنگ هوندي، جڏهن ته منهنجي پهرين بريفنگ 2 فيبروري 2021 ۾ ٿي هئي.