واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن بيروت حملن ۽ حزب الله اڳواڻ حسن نصرالله جي شهادت کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا جو انهن حملن سان ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي آهي. جڏهن ته وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي فوج کي تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وائيٽ هائوس مان جاري بيان ۾ پينٽاگون کي هدايت ڪئي وئي ته وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪي فورسز جي پوزيشنز جو جائزو ورتو وڃي، ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج کي هر وقت الرٽ ۽ تيار رکيو وڃي، آمريڪي فوج ۽ آمريڪي مقصدن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. صدر بائيڊن خطي ۾ آمريڪي سفارتخانن کي به حڪم ڏنو ته جيترو مناسب ٿي سگهي حفاظتي قدم کنيا وڃن، آمريڪي صدر کي رياست ڊيلاويئر ۾ بيچ هائوس تي قومي سلامتي جي ٽيم وچ اوڀر جي صورتحال بابت ڪيترائي ڀيرا بريفنگ ڏني. ان کان اڳ آمريڪي صدر چيو هو ته آمريڪا کي اسرائيل جي ڪارروائي جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي ۽ نه ئي ڪارروائي ۾ واشنگٽن شامل رهيو، سموري صورتحال جي معلومات ورتي پئي وڃي.