واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا يوڪرين کي تڪراري ٽينڪ تباهه ڪندڙ، ڊيپليٽڊ يورينيم، گولا بارود فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. برطانوي خابرو اداري موجب اهي شيون آمريڪا روس جون ٽينڪون تباهه ڪرڻ لاءِ يوڪرينکي ڏئي رهيو آهي. هڪ آمريڪي عهديدار جي حوالي سان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهڙو بارود فائر ڪرڻ لاءِ آمريڪي ساخت جي “ابرامز ٽينڪ” به يوڪرين کي ڏنيون وينديون. آمريڪا پاران يوڪرين کي 240 کان 375 ملين ڊالرز ماليت جي فوجي امداد به فراهم ڪئي ويندي، پر پيڪيج جو حمتي فيصلو صدر بائڊن ڪندو.