آمريڪا جو حصو ٿيو“گولڊن ڊوم” وٺو، ٽرمپ جي ڪيناڊا کي آڇ، برطانيا ناراض، دنيا ۾ ٿرٿلو

0
35
آمريڪا جو حصو ٿيو“گولڊن ڊوم” وٺو، ٽرمپ جي ڪيناڊا کي آڇ، برطانيا ناراض، دنيا ۾ ٿرٿلو
آمريڪا جو حصو ٿيو“گولڊن ڊوم” وٺو، ٽرمپ جي ڪيناڊا کي آڇ، برطانيا ناراض، دنيا ۾ ٿرٿلو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيناڊا کي حيران ڪندڙ آڇ ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪيناڊا آمريڪا جي 51هين رياست ٿيڻ تي راضي ٿي وڃي ته ان کي آمريڪا جي “گولڊن ڊوم” ميزائل دفاعي نظام ۾ مفت شموليت حاصل ٿيندي، ٻي صورت ۾ ان کي 61 ارب ڊالرز ادا ڪرڻا پوندا، صدر ٽرمپ اهو بيان سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽروٿ سوشل” تي جاري ڪيو. جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي ته ڪيناڊا اسان جي شاندار گولڊن ڊوم سسٽم جو حصو ٿيڻ جو خواهشمند آهي. جيڪڏهن هو آمريڪا ۾ شامل ٿي وڃي ته ان کي ان دفاعي نظام ۾ شموليت لاءِ هڪ پيسو به ادا نه ڪرڻو پوندو ڪيناڊا ان آڇ تي غور ڪري رهيو آهي. ٽرمپ جي ان بيان عالمي سطح تي ٽاڪوڙو مچي ويو، خاص طور تي ان وقت جڏهن برطانوي بادشاهه چارلس سوم ڪينيڊين پارليامينٽ ۾ هڪ ناياب خطاب دوران ڪيناڊا جي خودمختاري، آزادي ۽ منفرد سڃاڻپ تي زور ڏئي رهيو هو. پنهنجي خطاب ۾ هن ٽرمپ جي بيان کي تنقيد جو نشانو  بڻائيندي چيو ته ڪيناڊا کي پنهنجي خودمختاري جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻا پوندا، ٻئي طرف ڪيناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني آمريڪي صدرجي بيان تي سڌو ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪيو، هڪ انٽرويو ۾ هن تصديق ڪئي ته آمريڪا سان گولڊن ڊوم منصوبي تي اعليٰ سطحي ڳالهيون جاري آهن، هن اهو به چيو ته ڪيناڊا يورپ جي دفاعي اتحاد ري آرم يورپ جو حصو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪا تي دفاعي ڀاڙڻ گهٽ ڪري سگهجي.