آمريڪا هاڻي ايران سان سڌي جنگ ۾ شامل ٿي ويو آهي ڇو ته هن پاڻ ئي ايران جي اهم ايٽمي سهولتن تي حملو ڪيو آهي هي ڪارروائي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي ٿي جنهن بعد آمريڪي بمبار جهاز ايران جي اندر بغير ڪنهن روڪ جي گهڙي ويا ۽ نيوڪليئر سهولتن کي نشانو بڻايو هن قسم جي ڪارروائي کي عالمي سطح تي سڌي جنگي قدم سمجهيو وڃي ٿو ڇو ته ڪنهن ملڪ جي ائٽمي سهولت تي حملو صرف دفاع نه پر حملو سمجهيو وڃي ٿو ايران هاڻي ان جو جواب ڏئي سگهي ٿو ۽ خطي ۾ وڏو جنگي بحران جنم وٺي سگهي ٿو

جنهن جهاز ذريعي حملو ڪيو ويو

آمريڪا جي هوائي فوج جي بي ٽو اسٽيلٿ بمبار جهازن ذريعي حملو ڪيو ويو اهي جهاز جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهن جن کي ريڊار تي پڪڙڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي بي ٽو جهاز خاص طور تي ايٽمي ۽ بنڪر بم کڻڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن هن حملي ۾ انهن تي جي بي يو ستاون بم لڳل هئا جيڪي زيرزمين سوين فٽن اندر ڌماڪو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا انهن بمبارن کي آمريڪا جي پئسفڪ علائقي مان روانو ڪيو ويو جن ايران جي اندر گهڙي فورڊو نطنز ۽ اصفهان جهڙين اهم سهولتن کي نشانو بڻايو

نيوڪليئر پلانٽن جو نقصان

ايران جي ٽن اهم نيوڪليئر مرڪزن کي شديد نقصان پهتو آهي فورڊو جتي زير زمين ايٽمي سرگرميون هلن پئيون اتي جي تعمير ۽ اندروني نظام کي سخت ڌڪ رسيو آهي نطنز جتي يورينيئم صاف ڪرڻ جا هزارين سينٽريفيوجز لڳل هئا اهي تقريبن مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن اصفهان ۾ موجود تحقيقاتي مرڪز ۽ مواد جي ذخيرن کي به نقصان پهتو آهي ڪجهه هنڌن تان تابڪاري خارج ٿيڻ جا اطلاع به آهن، علائقي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهو پاڻمرادو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن ايران اڃا تائين ان نقصان جو تفصيلي انگ ناهي ڏنو پر عالمي ادارن مطابق ايران جي ايٽمي پروگرام کي ڪيترن سالن تي پوئتي ڌڪي ڇڏيو

انساني ۽ علائقائي اثر

ابتدائي رپورٽن موجب سوين ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ درجنين جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن حملن جي ڪري ايران جي ايٽمي ادارن جا ملازم متاثر ٿيا آهن ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ان کان علاوه علائقي ۾ ماحولياتي خطرا وڌي ويا آهن ۽ پاڻي ۽ هوا جي نمونن ۾ خطرناڪ تبديليون ڏسڻ ۾ آيون آهن اقوام متحده ۽ عالمي ايٽمي ادارن صورتحال تي نظر رکي رهيا آهن خطي جا ملڪ به ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن ۽ جنگ پکڙجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. (فيس بوڪ تان ورتل)