آمريڪا جو ايران تي حملو: خطي جي صورتحال ڪهڙي بيهندي؟

0
22
آمريڪا جو ايران تي حملو: خطي جي صورتحال ڪهڙي بيهندي؟

 آمريڪا ايران جي ايٽمي تنصيبات تي حملا ڪري پاڻ کي وچ اوڀر جي ان جنگ ۾ اچي اڙايو آهي، جتي پهرين ئي هو مختلف قسمن سان ڦاٿو پيو هو، هر آمريڪي حڪومت ان معاملي کان پري رهڻ کي پاڻ کي ترجيح ڏني پر ٽرمپ کي اسرائيل پنهنجي هٿان راند جو حصو بڻايڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پر ڪجهه عالمي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو چالبازيءَ جو شڪار ٿيو آهي. عالمي سياست جي پروفيسر اسڪاٽ لوڪاس جو چوڻ آهي ته، ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪو تازو ئي ايران سان سفارتي ڳالهين جو حامي لڳي رهيو هو ۽ جتي ڇهون دور شيڊيول ٿيل هو، تنهن ايران تي حملو ڪري پاڻ کي اهڙي دلدل ۾ ڦاسايو آهي، جتان ان جي نڪرڻ جو ڪو امڪان ئي ناهي. مئي جي وچ ڌاري، جڏهن ٽرمپ فيبروري ۾ اعلان ڪيو ته هُو ايران سان سفارتي لاڙا رکڻ چاهي ٿو، ان وقت اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي شرمندگي ٿي هئي. ان کانپوءِ اسرائيلي حڪومت آمريڪي انتظاميا کي پيغام ڏنو ته: اسان ايران تي حملا ڪرڻ وارا آهيون، پوءِ تون چاهين يا نه چاهين. ڪجهه هفتن جي صلاح مشوري بعد آمريڪا 8 جون تي فيصلو ڪيو ته هو اسرائيل جي فوجي ڪارروائيءَ جي حمايت ڪندو، جيڪا 13 جون کان شروع ٿي. ان دوران، ايندڙ نون ڏينهن ۾، اسرائيل صرف نيوڪليئر سهولتن تي نه پر فوجي ۽ شهري هدفن تي به حملو ڪيو آهي ۽ ان کي جنگ جو “پهريون مرحلو” قرار ڏنو.

ٽرمپ لاءِ هاڻ ٻه وڏا جوکم سامهون آهن، ڇا ‘بنڪر بسٽر’ بم واقعي فورڊو (Fordow) جهڙي محفوظ تنصيب کي نقصان پهچائي سگهن؟ ۽ ڇا انهن حملن سبب ٽرمپ جي پنهنجي سياسي پارٽي ۽ حامين ۾ ڦاٽ پئجي ويو آهي؟ جيڪڏهن هي فقط هڪ ئي ڀيري جو محدود حملو آهي، ته پوءِ ٽرمپ پنهنجي سياسي بنياد ۾ موجود اختلافن کان بچي ويندو. پر جيڪڏهن فورڊو کي ڪو وڏو نقصان نه رسيو، ۽ ٻين نيوڪليئر سهولتن تي ڪم جاري رهيو، ته آمريڪا کي ٻيهر حملا ڪرڻا پوندا، ۽ اهو ٽرمپ لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو — ڇاڪاڻ ته ان سان سندس پنهنجا حامي ناراض ٿي سگهن ٿا.ڏهن ڏينهن کان هلندڙ تڪرار جي وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ جو به خطرو وڌي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ايران اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪو آهي ته آمريڪا طرفان ڪنهن به حملي جو سخت جواب ڏنو ويندو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر جي رات آمريڪا مان سرڪاري اعلان ڪندي چيو ته انهن ايران جون اهم نيوڪليئر تنصيبات، جهڙوڪ، فردو، نتانز، ۽ اصفهان ــ کي نشانو بڻايو آهي. اهي سڀ اهم سهولتون آهن؛ نتانز ايران جي سڀ کان وڏي يورينيم افزائيءَ جي جاءِ آهي، ۽ فردو هڪ انتهائي ڳجهي تنصيب آهي، جيڪا جبلن جي هيٺان تعمير ٿيل آهي. وائيٽ هائوس مان قوم سان خطاب ڪندي ٽرمپ انهن حملن کي “عظيم فوجي ڪاميابي” قرار ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي ته نيوڪليئر تنصيبات کي “مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي”. جيتوڻيڪ هن ان بابت ڪو ثبوت پيش نه ڪيو۔ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران امن نه آندو ته آمريڪا وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻائيندو۔ ان کان پوءِ، هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ ٽرمپ ايران کي ڌمڪي ڏني ته ڪنهن به ردعمل جو سخت ۽ طاقتور جواب ڏنو ويندو. ايراني اختيارين انهن حملن جي تصديق ڪئي آهي. حڪومت جي نيوڪليئر ايجنسي واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجو پروگرام “ڪڏهن به” نه روڪيندا، ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ان حملي جي سخت مذمت ڪري. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي هڪ اهم مشير آمريڪي بحري جهازن تي ميزائل حملا ڪرڻ ۽ تيل جي آمدرفت وارن اهم رستن کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، پر آيت الله خامنه اي پاڻ اڃا تائين ڪو باضابطه ردعمل ناهي ڏنو.

اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته هو آمريڪي حملن تي “گہري پريشاني” محسوس ڪري رهيا آهن ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي خلاف خبردار ڪيو آهي۔ لاطيني آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن انهن حملن جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته ٻين ملڪن ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڳالهين جي اپيل ڪئي آهي. اسرائيل انهن حملن جو جشن ملهايو آهي ۽ ٽرمپ جي قدم تي شڪريو ادا ڪيو آهي.سڄي دنيا جو ڌيان هاڻ ايران جي ممڪن ردعمل تي آهي — ڇا ايران سخت قدم کڻندو؟ ڇا اهي حملا تڪرار کي وڌيڪ ڀڙڪائيندا يا ان کي ختم ڪرڻ طرف وٺي ويندا؟ هن وقت تائين حملن جي حقيقي اثرن ۽ ايران جي نيوڪليئر تنصيبات جي صورتحال بابت ڪو واضح جائزو موجود ناهي. ڪيترن ئي عالمي دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو ايران تي حملو اسرائيل جي سخت دٻاءَ ۽ حڪمت عمليءَ جو نتيجو هو، نه ته آمريڪي انٽيليجنس يا سفارتي سوچ جو نتيجو هو. هن پاڻ کي هاڻ هڪ خطرناڪ سياسي ۽ فوجي جوا ۾ ڦاسايو آهي، جنهن جا نتيجا ايندڙ ڏينهن ۾ سامهون ايندا.