آمريڪا بھادر جي ڳڻتي ۽ پاڪستاني اليڪشن!

0
47

سريش ھوتچنداڻي

 نيٺ پاڪستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اعلان ڪيو آھي تہ، پاڪستان ۾ ڪنھن بہ وقت اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري سگھجي ٿو. ياد رکڻ گھرجي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جو اھو اعلان ڪو اوچتو ناھي نه ئي ھن جو اھو پنھنجو فيصلو آھي، ڇو جو ھن ملڪ ۾ ڪا به سياسي چرپر، اسيمبلين ۾ پيش ۽ منٽن ۾ پاس ٿيندڙ بل، اسيمبلين کان ٻاھر ٿيندڙ اتحاد ۽ رساما، ڪي پنھنجي ليکي نه پر رموٽ ڪنٽرول ذريعي ٿيندا آھن.

                 پاڪستان جي 75 سالا سياسي تاريخ اھڙن رموٽ ڪنٽرول تي تبديل ٿيندڙ تبديلين کي مان تہ گذريل چاليھن سالن کان ڏسندو به اچان ته مختلف سياستدانن ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا ڪتاب پڙھندو به اچان ٿو. اھڙي رموٽ ڪنٽرول ذريعي ھلندڙ نہ صرف چالو وڏيرڪي، سرمائيدار جمھوري سياست پر ڪيترن ئي نقلي ترقي پسند سياستدانن ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي سياست به.

ڳالھ پئي ھلي پاڪستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر جي اڄوڪي اوچتي ان اعلان جي ته ڪنھن بہ وقت اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪري سگھجي ٿو، سڪندر سلطان جي ان انڪار کي ھفتو به ناھي گذريو (جڏھن ھن ملڪ جي اعليٰ اداري جي ڪرسيءَ تي براجمان صدر محترم جيڪو اڳئي صرف اسيمبلين مان پاس ٿي آيل بلن تي صحيحون ۽ ٺپا ھڻڻ لاءِ براجمان ۽ رٽائر ٿيڻ وقت صرف گارڊ آف آنر وٺڻ کان وڌيڪ ڪي اختيار ئي استعمال نٿو ڪري سگھي. ) کي ملاقات لا۽ کيس ليٽر لکيو، جنھنجو جواب چيف اليڪشن ڪمشنر صاحب جيڪو لکي موڪليو ۽ ان بجاءِ ساڳئي وقت آمريڪي مائي باپ ( جن جي نمائندن ۽ شھرين کي ست خون بہ معاف ھوندا آھن) جي پاڪستاني سفير ڊونلڊ بلوم، جنھن عمران خان جي سائفر پني جي ڪري وڏي شھرت ماڻي ھئي، سان وڏي گرمجوشي سان ملاقات، اسان جي محترم صدر، ڏندن جي ماھر سرجن جناب ڊاڪٽر عارف علوي صاحب جي جيڪا شخصيت ٺھي تنھن کيس سياست کان بہ بان (توبھن) ضرور ڪرائي ھوندي.

سوال اھو ناھي ته ڪنھن سان ھن ملڪ ۾  ڇا ٿيو؟ پر سوال اھو آھي ته جڏھن نئين اڪابرين عرف ٽيڪنوڪريٽ نگران گورنمينٽ جي ٺھڻ کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جو اھو اعلان تہ چونڊون نئين آدمشماريءَ تحت ڪرائڻ جي لا۽ پھريان تڪبنديون ضروري آھن، لاءِ 120 ڏينهن آئيني طور گھربل يا مقرر ٿيل آھن، تنھن کانپو۽ 90 ڏينھن ۾ چونڊون ڪرائبيون. دليل اھو ته اھا آئيني تقاضا آھي. ھن ملڪ سول توڻي ملٽري اسٽيبلشمينٽ آئين سان ڪھڙو ڪھڙو حشر ڪيو آھي ان لاءِ ڪا گھڻي مٿا ماري ڪرڻ فضول آھي. ھاڻي جڏھن آمريڪا بھادر جي نمائندن جا بيانن مٿان بيان آھن ته اسان کي اميد آھي ته پاڪستان ۾ چونڊون وقت اندر يا آئيني مدي اندر صاف ۽ شفاف نموني ٿينديون. آمريڪا بھادر جي اھا ڳڻتي عرف اميد به پاڪستان لاءِ ڪنھن ڌمڪي کان گھٽ ناھي. ۽ پاڪستان ته پھريان ئي عالمي ادارن وٽ گروي ٿيل آھي. سو غلام پنھنجي آقا کي انڪار ڪرڻ جي سگھ ڪيئن ٿو ساري سگھي!