واشنگٽن / بيجنگ / جنيوا (م ڊ) بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي کانپوءِ عالمي رد عمل سامهون اچي ويو، آمريڪا، چين ۽ گڏيل قومن طرفان واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. واشنگٽن بي ايل کي عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندي چيو آهي ته مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون، آمريڪي سفارتخاني مذمتي بيان ۾ چيو آهي ته اسان متاثرن سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. آمريڪا پاڪستان جو مضبوط ڀائيوار رهندو، هر موڙ تي ساٿ ڏيندا رهنداسين. هوڏانهن گڏيل قومن ۽ چين پاران جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪئي وئي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته بيجنگ هر صورت ۾ دهشتگردي جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي سگهاري مدد جاري رکي ويندي، چين دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان سهڪار مضبوط بڻائڻ لاءِ تيار آهي.