تهران/واشنگٽن(م ڊ) اسرائيل ۽ ايران جي جنگ ۾ آمريڪا به ٽپي پيو، پنهنجي جديد ترين (بي 2) بمبار جهازن سان ايران جي 3 ايٽمي ٺڪاڻن فردو، نطنز ۽ اصفهان تي بنڪر ٽوڙ بمن سان حملو ڪري انهن کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي آمريڪي صدر اعلان ڪيو آهي ته هن حملي ۾ فردو جي ايٽمي پلانٽ کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايران جوابي ڪارروائي ڪندي آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  مليل اطلاعن موجب آمريڪا به ايران اسائيل جنگ ۾ شامل ٿي ويو ڪالهه رات دير سان آمريڪا پنهنجي جديد ترين B-2 بمبار جهازن سان ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن فردو، نطنز ۽ اصفهان کي نشانو بڻايو. آمريڪي صدر اعلان ڪيو ته حملي ۾ فردو وارو ايٽمي پلانٽ مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي جهازن ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪيو، جن ۾ فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ موجود نيوڪليئر ٿاڪ شامل آهن. آمريڪي فضائيا ايران جي ٽن اهم ايٽمي مرڪزن تي ڪامياب حملا ڪيا ۽ فردو واري ايٽمي پلانٽ کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي. فردو جي ايٽمي مرڪز تي بمن جو مڪمل پي لوڊ ڪيرايو ويو، جنهن سان ان اهم جوهري سائيٽ کي سخت نقصان پهتو آهي. آمريڪي صدر ان ڪارروائي کي دنيا جي سڀ کان پيشيوراڻي ۽ ڪامياب فضائي حملن مان هڪ قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ٻي فوج وٽ اهڙي آپريشن جي صلاحيت ناهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اها هڪ شاندار ڪاميابي آهي، جنهن جو سهرو اسان جي بهادر آمريڪي فوجين ڏانهن وڃي ٿو، هاڻ وقت آهي ته اسان امن ڏانهن قدم وڌايون. ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران نه مڙيو ۽ حملو ڪيو ته ٻيهر حملو ڪنداسين جيڪو هن کان وڌيڪ سخت هوندو. صدر ٽرمپ چيو ته فردو ايٽمي مرڪز تي بمن جو مڪمل پي لوڊ ڪيرايو ويو جنهن سان انهي اهم ايٽمي سائٽ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. حملي بعد پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪا جي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته اسان ايران جو ايٽمي پروگرام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ايران طرفان ڪو جواب ڏنو ويو ته اُن کان به وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪنداسين، خطي ۾ آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو هو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا. پيٽ هيگسيٿ واضح ڪيو ته هن ڪارروائي جو مقصد ايران ۾ حڪومت جي تبديلي نه هو پر فردو وارو ٿاڪ بنيادي هدف هو ۽ اسان پنهنجا گهربل نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن. آمريڪا جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته گذريل رات صدر جي حڪم تي ”آپريشن مڊنائيٽ هيمر“ شروع ڪيو ويو، جنهن دوران ايران جا ٽي ايٽمي ٿاڪ نشانو بڻايو بڻايا ويا، ايران جو دفاعي نظام آمريڪي جهازن کي ڏسي نه سگهيو. هن چيو ته آپريشن ۾ 145 آمريڪي جهازن سان گڏ آبدوزن به حصو ورتو ۽ ايران تي حملي ۾ 7 بي ٽو بمبار جهاز به شامل هئا. آمريڪي اختيارين جي پينٽاگون ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ايران تي آمريڪي حملو آپريشن مڊ نائيٽ هيمر هو، جنهن ۾ ڪُل 125 جهازن حصو ورتو، ايران کي ڀُلائڻ لاءِ ڪيترائي جنگي جهاز آمريڪا مان اُڏايا، جِن مان ڪجهه اولهه پاسي ۽ بين الڪاهل مُڙي ويا، ايران تي حملو رڳو 7 بِي ٻن بمبار جهازن ڪيو ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ 30 هزار پائونڊز وارا ميسو آرڊيننس پينيٽريٽر بم فردو ۽ نِطنز جوهري ٺڪاڻن تي ڪيرايا ويا،  آمريڪي بچاءَ وزير چيو ته اصفهان جي جوهري مرڪز کي ٽوماهاڪ ميزائلن سان هدف بڻايو، آمريڪا صدر ٽرمپ جي حڪم تي رڳو جوهري ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، ايراني فوج يا عوام هدف نه هو، هاڻي ايران ڪجهه ڪيو ته آمريڪا جو جواب پهرين کان وڌيڪ زوردار هوندو، هن چيو ته حملي ايران جي جوهري پروگرام کي تباهه ڪري ڇڏيو. آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو ته حملو ڪندڙ 7 بِي ٻن بمبار جهاز پاڻ ۾ تمام گهٽ رابطو رکيو ته جيئن پڪڙجي نه پون، اهو ئي ڪارڻ آهي جو 20منٽن جي حملي ۾ ايران کي کُڙڪ به نه پئي، نه ڪو ايراني جهاز اُڏام ڪئي ۽ نه ئي ايراني جهازن تي ڪو وار ٿيو، آمريڪي جنرل چيو ته ميسوري مان اڏايل جهازن جو 18 هزار ڪلوميٽر وارو هي آپريشن نائين اليون کانپوءِ سڀ کان ڊگهو آپريشن هو. ايران آمريڪي حملن جي نتيجي ۾ فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ ايٽمي سائٽس تي ٿيندڙ بمباري جي پهريون ڀيرو سرڪاري طور تي تصديق ڪئي آهي. ايران جي سرڪاري نويز ايجنسي موجب صوبه قُم جي ڪرائسس مينجمينٽ جي ترجمان مرتضيٰ حيدري ٻڌايو ته فردو ايٽمي مرڪز جي هڪ حصي تي فضائي حملو ٿيو آهي.

تهران(م ڊ) ايران آمريڪا جي حملي کانپوءِ آبنائي هرمز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي پارليامينٽ بعد سپريم ڪائونسل به منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان جا انتظام به شروع ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري ريڊ لائن اورانگهي آهي، اسان کي جواب ڏيڻ جو حق حاصل آهي ۽ ضرور جواب ڏنو ويندو، اسان جي جواب جو انتظار ڪيو. استنبول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پنهنجي جارحيت جي نتيجن جو ذميوار آهي، گڏيل قومن جي قانونن مطابق ايران کي جوابي ڪارروائي جو مڪمل حق حاصل آهي، تهران پنهنجي سلامتي، مفادن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سمورا اختيار محفوظ رکي ٿو ۽ ايراني هٿياربند فوج مڪمل الرٽ آهي. عباس عراقچي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو تڪڙو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آمريڪا پاڻ سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر آهي ۽ هن ئي عالمي امن کي نقصان پهچايو، دنيا کي نه وسارڻ گهرجي ته آمريڪا اهو ملڪ آهي، جنهن امن ڳالهين دوران حملو ڪري سفارتڪاري جو قتل ڪيو، سفارتڪاري جا دروازا هميشه کليل هجڻ گهرجن پر هي وقت اهڙو ناهي ۽ ايران کان سفارتڪاري ڏانهن واپسي جو مطالبو ڪرڻ بي معنيٰ آهي. هن چيو ته آمريڪي صدر نه رڳو ايران کي دوکو ڏنو پر پنهنجي قوم سان به دوکو ڪيو، ٽرمپ اهو واعدو ڪري چونڊون کٽيون هيون ته هو وچ اوڀر سميت دنيا جي ٻين علائقن ۾ جنگين ۾ شامل نه ٿيندو پر هاڻي ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري عالمي قانونن جي ناقابل معافي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اهو سمجهڻ ڏکيو آهي ته اسان تي ڪوڙن الزامن جي بنياد تي ڇو حملو ڪيو ويو، عالمي برادري کي آمريڪا جي انهن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته روس ايران جو دوست آهي ۽ اڄ ئي صدر پيوٽن سان ملاقات لاءِ روس وڃي رهيو آهيان، جتي سنجيده مشاورت ٿيندي، ايران چين سان گڏجي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بندي جي هڪ قرارداد پيش ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو پر هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ هاڻي ڏسڻو پوندو ته اڳتي ڪيئن وڌجي. ٻئي طرف ايران جي پارليامينٽ دنيا جي سامونڊي راهداري آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو جنهن بعد سپريم ڪائونسل به ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايران آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي طرف ايراني ميڊيا موجب ايراني اختيارين آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته خطي ۾ هر هڪ آمريڪي شهري ۽ فوجي اسان جا هدف آهن، آمريڪي حملي تي ايران ڀرپور جواب ڏيڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.