برسلز (م ڊ) يورپي يونين جو دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ 841 ارب ڊالرن جو منصوبو پيش ڪيو ويو. يورپي يونين جي ايگزيڪٽو برانچ جي سربراهه جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدرٽرمپ طرفان دفاع ۾ مدد کان انڪار ۽ يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد روڪڻ کانپوءِ روس سان ڳالهين لاءِ فوجي طور تي هٿي ڏيڻ آهي، يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وين ڊرلين چيو ته يورپ کي ٻيهر هٿياربند ڪرڻ جو هڪ وڏو پيڪيج يورپي يونين جي 27 ملڪن جي سامهون پيش ڪيو ويندو. واشنگٽن سان وڌندڙ غير يقيني سياسي صورتحال جي هڪ هفتي کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ يورپ سان پنهنجي اتحاد ۽ يوڪرين جي دفاع تي سوال اٿاريا، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا جي پرواهه ناهي، اسان کي جنهن نموني جا خطرا پيش آهن اهي بيان نٿا ڪري سگهجن، ارسلا ڊيرلين چيو ته فوجي هٿيارن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هوائي ۽ ميزائل ڊفينس، آرٽلري سسٽمز، ميزائل ۽ ايمونيشن، ڊرونز ۽ اينٽي ڊرون سسٽمز ۽ سائبر تياري شامل آهي، اهڙو ڪو به منصوبو يورپي يونين جي ڪيترن ئي ميمبر ملڪن کي پنهنجي فوجي خرچن ۾ وڌيڪ اضافي تي مجبور ڪندو جيڪي اڃا تائين مجموعي قومي پيداوار جي 2 سيڪڙو کان به گهٽ آهن. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل مارڪ روٽي ميمبرن ملڪن کي ٻڌايو ته جلد کان جلد انهن خرچن کي 3 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو منصوبو اڄ سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، جيتوڻيڪ اهو امڪان ناهي ته مضبوط واعدن کان علاوه فوري طور تي ڪي فيصلا ڪيا ويندا.