مسقط / تهران (م ڊ) ايٽمي پروگرام بابت ايران آمريڪا ڳالهين جو ٽيون دور عمان ۾ مڪمل ٿي ويو، ڳالهين ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي ايلچي اسٽيو وٽڪوف پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪئي. ايران اشارو ڏنو ته پنهنجي معيشيت سنڀالڻ لاءِ پابنديون ختم ڪرائڻ چاهيون ٿا، عمان جي پرڏيهي وزير بدرالبوسيدي چيو آهي ته ٽئين دور ۾ بنيادي اصولن، هدفن ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، آمريڪا ۽ ايران ۾ ايندڙ اعليٰ سطحي اجلاس 3 مئي تي ٿيندو. ايراني سرڪاري ٽي وي موجب ٻئي وفد ڳالهين کانپوءِ پنهنجي وطن روانا ٿي ويا.