مسقط/تهران(م ڊ) ڪٽر مخالف آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ نيٺ ڳالهين شروع ٿي ويون، عمان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو. ايندڙ هفتي وري ڳالهيون ٿينديون، آمريڪا سان ڳالهين لاءِ پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي قيادت ۾ وفد مسقط ۾ موجود آهي، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي نمائندن ۾ ڪجهه منٽ ڳالهيون ٿيون، ڌرين ايندڙ هفتي وري ڳالهين لاءِ جمع ٿيڻ تي اتفاق ڪري ورتو. ايراني پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مثبت ڳالهيون ٿيون، عمان جي حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ ايراني ايٽمي پروگرام تي ڪنٽرول جي بدلي آمريڪي پابندين ۾ نرمي قيدين جي ڏي وٺ ۽ علائقائي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ٿينديون. هوڏانهن ڳالهين کانپوءِ ايران يا آمريڪا طرفان اڃا تائين ڳالهين جي ايجنڊا جي باري ۾ ڪو به ردعمل ناهي ڏنو ويو. هوڏانهن ڳالهين کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران سنجيدگي سان ڳالهين ۾ شريڪ ٿيو، اڳين ڌر به انهي نيت سان اچي ته شروعاتي مفاهمت ممڪن آهي جيڪا ڳالهين جي راهه هموار ڪري سگهي ٿي، ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته تازيون ڳالهيون ڊگهي عرصي تائين ٿيڻ جي ڪا اميد ناهي، ڳالهين جي پهرين دور ۾ شروعاتي انڊر اسٽينڊنگ ٿي سگهي ٿي.