ماسڪو (م ڊ) ايران ۽ اسرائيل جنگ جي حوالي سان روس آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا فوجي امداد کان مڙي وڃي، اسرائيلي دهشتگردي دنيا کي ايٽمي تباهي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، روسي پرڏيهي وزارت طرفان چيو ويو آهي ته آمريڪا اسرائيل کي سڌي ريت فوجي امداد ڏيڻ ۽ ان بابت سوچڻ کان به خبردار رهي. روسي پرڏيهي وزارت چيو ته آمريڪي فوجي امداد وچ اوڀر جي صورتحال کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪري سگهي ٿي، اسان ايران ۽ اسرائيل ٻنهي سان رابطي ۾ آهيون. ان کان اڳ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي اسرائيلي حملن ۾ آمريڪا جي شامل ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي.