ڪراچي (م ڊ) آمريڪا ۽ ڪئناڊا پاران عمران خان تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي، وائيٽ هائوس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان تي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا. سعودي عرب به عمران خان تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سعودي عرب پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، سعودي عرب پاڪستان جي امن ۽ استحڪام ۽ ان جي ترقياتي عمل کي نقصان پهچائيندڙ هر سرگرمي خلاف پاڪستان ۽ ان جي عوام سان گڏ آهي، جڏهن ته ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو به تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان ۽ سندس حامين تي حملو قبولڻ جوڳو ناهي، آئون ان تشدد جي سختي سان مذمت ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ سياست، جمهوريت يا اسان جي معاشري ۾ ان جي ڪا گنجائش ناهي. ڪينيڊين وزيراعظم، عمران خان ۽ ٻين زخمين جي جلد صحتيابي جي خواهش جو به اظهار ڪيو. هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته اهو جيڪو واقعو ٿيو آهي، ان کي ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته صورتحال جي اڳڀرائي کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون، ان تي اسان وڌيڪ ڪجهه نٿا چئي سگهون.