واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا طرفان سعودي عرب کي هٿيارن جي وڪري تي مڙهيل پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته بائيڊن انتظاميا طرفان پابندي جي خاتمي کانپوءِ سعودي عرب کي فضا کان زمين تي مار ڪندڙ هٿيار ڏئي سگهبا. پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي عهديدار معاملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سعودي عرب کي ڪنونشل آرمز ٽرانفسر پاليسي تحت ڪيس باءِ ڪيس بنياد تي هٿيارن جو وڪرو شروع ڪيو ويندو. آمريڪي عهديدار موجب سعودي عرب کي معاهدي ۾ پنهنجا معاملا ڏسڻا آهن جڏهن ته اسان تيار آهيون، جڏهن ته سعودي عرب کي هٿيار وڪڻڻ جو پهريون مرحلو ايندڙ هفتي کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي عهديدار جو چوڻ هوته سعودي عرب کي هٿيارن جي وڪرو تي مڙهيل پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو يمني حوثين ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل قومن جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مارچ 2022 ۾ معاهدي کان وٺي هنيئر تائين سعودي عرب طرفان يمن تي ڪو به فضائي حملو ڪيو ويو ۽ نه ئي يمني حوثين طرفان سعودي عرب تي ڪو سرحد پارن کان حملو ڪيو ويو آهي.