پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ تائين ملڪ جو سياسي منظرنامو هڪ اهڙي روايت جو شڪار رهيو آهي جتي اصل اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن بدران هڪ منظم، طاقتور اشرافيه جي هٿ ۾ رهيو آهي جنهن جي اڳواڻي گهڻو ڪري اڻ چونڊيل آمرن (ڊڪٽيٽرن) ڪئي آهي. 1947کان وٺي سڌيءَ ۽ اڻ سڌي طرح مختلف آمريتون اقتدار جي واڳ سنڀالي چڪيون آهن ان کانپوء جيڪي بہ سياسي حڪومتون آيون سي گهڻو ڪري انهن آمرانه قوتن جي اثر هيٺ رهيون. جنرل ايوب خان، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جهڙا آمر ملڪ جي سياسي تاريخ جا اهم ناڪاري ڪردار رهيا، جن نه صرف جمهوريت کي روڪيو پر ادارن جي ترقيءَ کي بہ سخت نقصان رسايو. انهن دورن ۾ سياسي ادارا ڪمزور ٿيا عدليه دٻاءُ هيٺ آئي ۽ ميڊيا تي سنسرشپ لاڳو رهي. نتيجي طور ملڪ ۾ جمهوريت نالي ماتر رهي ۽ عوام جي آواز کي نظرانداز ڪيو ويو. ملڪ جي سياسي قيادت بہ ڪيترن ئي حالتن ۾ انهن آمرن جي ويجهو رهي ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ مفادن جي سياست ڪئي وئي انهيءَ عمل سان سياسي پارٽين جو عوام سان اعتماد وارو رشتو ڪمزور ٿيو ۽ سول بالادستيءَ جو تصور ختم ٿيڻ لڳو.
پاڪستان ۾ وسيلن جي ڪابہ کوٽ ناهي. پاڻي،زمين، معدنيات، انساني وسيلن ۽ قدرتي وسيلن جي موجودگي باوجود ملڪ جي وڏي آبادي غربت، بيروزگاري، بيماري ۽ تعليمي طور پٺتي پيل هجڻ جو شڪار آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق لکين ماڻهو ۽ خاص طور تي عورتون ۽ ٻار خوراڪ جي کوٽ سبب مختلف ذهني توڙي جسماني بيمارين ۾ ورتل آهن لکن جي تعداد ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن انهن کي بنيادي صحت جون ڪي بہ سهولتون ميسر ناهن عام ماڻهوءَ لاءِ خوشحال ۽ صحت مند زندگي هڪ خواب بڻجي چڪي آهي.
انهيءَ سڀني حالتن جو وڏو سبب اهو آهي تہ ملڪ جي وسيلن مان فائدو ماڻڻ وارو طبقو محدود آهي، جنهن ۾ زميندار، سرمائيدار، اشرافيه ۽ طاقتور بيروڪريسي شامل آهن. اهي طبقا پنهنجن مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ نظام کي اهڙي انداز ۾ هلائين ٿا جو عام شهري جو آواز دٻجي وڃي ٿو ڪاروباري اجاره داري، زمينن تي قبضا ۽ ڦرماريت جو نظام عوامي ضرورتن بدران مخصوص گروهن لاءِ ڪم ڪرڻ سبب عام ماڻهو لاء ناانصافيءَ کي وڌيڪ شديد بڻائي ٿو.
پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ خاص طور تي بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ احساس محرومي وڌي چڪي آهي. وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حقن کان انڪار، سياسي نمائندگيءَ جي کوٽ ۽ وفاقي سطح تي وسيلن جي اڻ برابري واري ورڇ سبب انهن صوبن جي عوام ۾ بيچيني وڌي آهي. بلوچستان ۾ قدرتي وسيلن جي باوجود مقامي ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ساڳي ريت خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ بہ عوامي تحريڪون اڀري رهيون آهن جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿارن ٿا ۽ ان آمراڻي نظام تي تنقيد ڪن ٿا تہ انهن سان غير انساني سلوڪ ڪيو وڃي ٿو انهن کي تشدد ڪري ماريو وڃي ٿو. مشال خان جو قتل، ارشد شريف جو موت، منظور پشتين ۽ علي وزير تي ڪيس، سنڌ جي قومپرستن ۽ کاٻي ڌر جي احتجاجن تي تشدد ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان علاوه ٻيا ڪيترائي مثال ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا تہ پاڪستان ۾ حق گهرڻ ۽ سوال ڪرڻ کي بغاوت سمجهيو وڃي ٿو.
اها صورتحال گهر ڪري ٿي تہ ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي تي نئين سر نظرثاني ڪئي وڃي. پاڪستان کي هڪ حقيقي جمهوري، شفاف ۽ وفاقي رياست بڻائڻ لاءِ ضروري آهي تہ ملڪ ۾:
* آمراڻي مداخلت کان پاڪ جمهوري نظام قائم ڪيو وڃي.
* سول ادارن کي خودمختيار بڻائي انهن جي بالادستي قائم ڪئي وڃي..
* وسيلن جي انصاف ڀري ورڇ ڪري مقامي آباديءَ کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن.
* تعليم، صحت ۽ روزگار تي خصوصي ڌيان ڏئي سڀني قومن کي انهن جي وسيلن تي ارڙهين آئيني ترميم تحت اختيار ۽ حصو ڏنو وڃي..
* قومن جي شناخت، ٻولين ۽ ثقافتن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻي انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي تہ جيئن هو پنهنجي موضوعي ۽ معروضي حالتن موجب پنهنجي ڀلائي جي فيصلن ڪرڻ ۾ خودمختيار هجن
* پاڪستان ۾ موجود سمورين قومن کي مڪمل خودمختياري ڏني وڃي تہ جيئن ملڪ خوبصورت ثقافتن جو بهترين مثال بڻجي..
* ملڪ ۾ موجود سمورين قومن جو پاڻ ۾ نئون سماجي معاهدو ٿيڻ ضروري آهي تہ جيئن ملڪ ۾ موجود وسيلن جو سڀني کي هڪجيترو فائدو ٿئي ڪنهن جو ڪو استحصال نه ڪري سگهي..
پاڪستان جو مستقبل ان وقت ئي محفوظ ٿي سگهي ٿو جڏهن نظام عوام لاءِ ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن جي هٿ ۾ هوندو. ووٽ جي حرمت بحال ڪئي ويندي،ادارن جي خودمختياري ۽ عوام جي خوشحالي ئي هن ملڪ جي حقيقي ترقيءَ جا ضامن ٿي سگهن ٿا. وقت اچي ويو آهي تہ اسان پاڻ سان، هن ڌرتيءَ جي عوام سان ۽ ايندڙ نسلن سان ايمانداري سان پيش اچون ۽ ملڪ ۾ رهندڙ سموري عوام ۽ قومن کي پنهنجا حق ڏيئي ملڪ جو وقار بلند ڪريون، استحصال کان پاڪ سماج قائم ڪريون تڏهن ئي اسان دنيا جي ٻين ملڪن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلي سگهون ٿا. ان مقصد ۽ منزل کي حاصل ڪرڻ لاء ملڪ ۾ موجود سمورين مظلوم قومن کي پاڻ ۾ اتحاد ڪري مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن اسان هن استحصالي نظام جو خاتمو آڻي سگهون…!!