سکر (بيورو رپورٽ) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاران مهانگائي جي حساب سان پگهارن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪرڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ليوڪس پارڪ کان صوبائي صدر مقبول احمد مهر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هن بجيٽ ۾ پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ ٻيا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ڪم ڪار جو مڪمل بائيڪاٽ ڪرڻ سان گڏ وڏي وزير هائوس ۽ سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻا هنيا ويندا، آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر مقبول احمد مهر، محمد پناهه مهر، ڪريم داد بگٽي، آسيا، رياض شاهه ۽ ٻين چيو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ پگهارون تمام گهٽ آهن، پگهاردار طبقو ٻارڙن جي پڙهائي، صحت، کاڌ خوراڪ، رهائش سميت ٻيا خرچ پگهار مان پورا نٿو ڪري سگهي، نتيجي ۾ پگهاردار طبقو سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ مهانگائيءَ گهٽائي پگهار وڌائي وڃي ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو سان گڏ ڪنوينس الائونس، هائوس رينٽ الائونس ۽ ميڊيڪل الائونس ۾ مهانگائي جي حساب سان مناسب واڌ ڪئي وڃي.