ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز جي آل رائونڊر عرفات منهاس چيو آهي ته پهرين ميچ کٽي مورال بلند ٿيندو آهي، اسان شروع کان ئي بي خوف ڪرڪيٽ کيڏي، جنهن جو فائدو ٿيو. ملتان سلطانز کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ڪراچي ڪنگز جي آل رائونڊر عرفات منهاس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽاپ پليئرز سان ڊريسنگ روم شيئر ڪري گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو آهي. هن چيو ته هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ رسڪ کڻڻو پوندو آهي، جيمز ونس ۽ خوشدل شاهه زبردست بيٽنگ ڪئي، مان ٽيم ۾ فرنٽ لائن اسپرن آهيان، آل رائونڊر هجڻ جو اهو مطلب ناهي ته مان پراپر اسپنر ناهيان.