اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ملٽري ٽرائل ڪورٽس ۾ ويلينز ٽرائل متعلق ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ڪئي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سيڪشن 2(1)(d)(1) کي درست قرار ڏنو وڃي ها ته ان جو نتيجو اهو ٿئي ها ته ٽرائل خلاف سموريون درخواستون ٻڌڻي جوڳيون نه هجن ها. ان مطابق ملٽري ٽرائل ۾ پورو قانوني طريقيڪار کي فالو ڪيو ويندو آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي سوال اُٿاريو ته ملٽري ٽرائل وارن ڪيسن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جو چيو هو ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته ٽرائل ۾ شاهدين جي بنياد تي فيصلو ڪئين ٿيو. هن نشاندهي ڪئي ته عدالت کي اهو رڪارڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. جيڪو حڪومتي وڪيل پاران مناسب جواب نه هيو. خواجه حارث جواب ڏنو ته عدالت کي هڪ ڪيس جو رڪارڊ جائزي لاءِ ڏيکاريو ويندو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالت کي اهو ڏسڻُ آهي ته ملٽري ڪورٽس ۾ فيئر ٽرائل جون گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن يا نه. خواجه حارث پنهنجي دليل ۾ چيو ته هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ شاهدين جو ميرٽ تي جائزو نٿي وٺي سگهي، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته انهن کي ڏسڻو آهي ته آرٽيڪل 10 اي تحت فيئر ٽرائل جون گهريون پوريون ڪيون ويون آهن يا نه. جسٽس رضوي نشناندهي ڪئي ته انصاف جي اصول تحت ڪنهن کي ٻڌڻ بغير سزا نٿي ڏئي سگهجي. خواجه حارث وڌيڪ چيو ته آرٽڪل 8(3) ۽ 8(5) لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ ٽرائل جي خلاف درخواستون ٻڌڻي جوڳيون ناهن هونديون. ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي سوال اُٿاريو ته فيئر ٽرائل جي آرٽيڪل 10 اي جي آئين ۾ شموليت جي ضرورت ڇو پيش آئي جڏهن ته ان کان پهريان به فيئر ٽرائل جا مختلف آرٽيڪلز موجود هئا. خواجه حارث وضاحت ڪئي ته فيئر ٽرائل جو تصور هميشه موجود هيو پر ان جي واضع وضاحت 2010ع ۾ آرٽيڪل 10 اي ذريعي ڪئي وئي. جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته ڇا آرٽيڪل 8(3) بنيادي حقن کي ختم ڪري ٿو؟ خواجه حارث چيو ته هي آرٽيڪل 1973ع کان آئين جو حصو آهي ۽ بنيادي حقن ختم ناهن ٿيندا. پر مخصوص حالتن ۾ محدود ڪري سگهجن ٿا. جسٽس افغان آرمي ايڪٽ جي تحت ڪيل ترميم جي وضاحت ڪندي چيو ته 1967 ۾ ڪنهن به شخص جا لفظ قانون ۾ شامل ڪيا ويا هئا جنهن سان رٽائرڊ آفيسر به دائري ۾ اچي ويا. ان جي مطابق جيڪڏهن سيڪشن 2(1)(d)(1) کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو ته رٽائرڊ آفيسرن جو به ملٽري ٽرائل ممڪن نه رهندو. هن وڌيڪ چيو ته اهو ڏسڻ جي ضرورت آهي ته سويلينز جي ملٽري ٽرائل لاءِ قانون ۾ ترميم ڇو ڪئي وئي. جسٽس جال مندوخيل چيو ته اوهان جي مطابق سمورن سويلينز جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو. وزارت دفاع جي وڪيل چيو ته سويلنز جي ملٽري ٽرائل جي وضاحت آئين جي آرٽيڪل 83. اي ۾ موجود آهي. ته ڪنهن سويلينز جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو. ۽ اهو ڪيترن ئي عدالتي فيصلن ۾ تسليم ٿي چڪو آهي. جسٽس افغان نشاندهي ڪئي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ تازو ترميم آگسٽ 2023ع ۾ ٿي هئي اهو 9 مئي جي واقعن تي لاڳو نٿو ٿي سگهي. وزارت دفاع جي وڪيل ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ماضي جي واقعن تي اها ترميم لاڳو نٿي ٿئي. سپريم ڪورٽ وزارت دفاع کان سويلينز جو ملٽري ٽرائل جا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪلڀوشن ياديوَ کان علاوه ٻين سمورن سويلينز جي ڪيسز جي تعداد سوڌو تفصيل فراهم ڪيا وڃن. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ايف آءِ آرز ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جا قلم شامل ڪرڻ جو طريقيڪار ڇا آهي. ۽ اهي قلم ڪڏهن شامل ڪيا ويا. ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي. جسٽس امين الدين خان وڪيل خواجه حارث کي چيو ته دليل اڄ تائين مڪمل ڪريو. خواجه حارث چيو ته هو ڪوشش ڪندو ته اڄ پنهنجا دليل مڪمل ڪري.