آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

0
25

پي ٽي آءِ چيئرمين آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي قانونن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ چيئرمين پاران سپريم ڪورٽ ۾ ترميمي قانونن خلاف آئيني درخواست داخل ڪرائي وئي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آئيني درخواست تي فيصلو اچڻ تائين آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي قانونن کي معطل ڪيو وڃي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمن وارن بلن تي صحيحون نه ڪيون آهن

درخواست ۾ صدر، سيڪريٽري قومي اسيمبلي ۽ قانون ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي