سکر(بيورو رپورٽ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين سياسي ڀرتيون بند ڪريو، ميرٽ جو قتل عام بند ڪريو، تعليم کاتي ۽ لاڳاپيل اختيارين خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ۽ مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ اميدوارن محمد رمضان گبول، احسان سومرو، طاهر لاکو، جهانزيب ملڪ الزام لڳائيندي چيو ته تعليم کاتي جي ڊي اي اوز، ٽي اي اوز ملي ڀڳت ڪري هزارين سيٽون لڪايون آهن. سنڌ ۾ هزارين استادن جون سيٽون خالي آهن، پر رشوت ڪري سيٽون لڪائي اميدوارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي. تعليم کاتو ٽيسٽ پاس اميدوارن جي مستقبل سان کيڏي انهن جو معاشي قتل عام ڪري رهيو آهي. عدالتي واضع حڪمن باوجود آفر آرڊر نه ڏئي نوجوانن کي معاشي مشڪلاتن ۽ پريشانين ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.سنڌ اندر هڪ ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هنن سنڌ جي وڏي وزيرخ تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۾ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪندي تعليم کاتو 19000 هزار استادن جي ايس اين اي منظور ڪندي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.