دادو( رپورٽر ) 2013 ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن حبيب سنڌي ، جاويد لغاري ، معشوق جتوئي ، منور سيال ۽ مظھر مڱريو جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ داهيو آهي ته اسان کي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي 11 سال ٿي ويا آهن پر اسان کي آفر آڊر ناهن ڏنا ويا ، اسان کي آڊر ڏئي بند پيل اسڪول کوليا وڃن ، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن ڪراچي ، حيدرآباد ، نوابشاھ ، نئون ديرو بلاول هائوس ۽ ٻين هنڌن تي احتجاج ڪري روڊن رستن تي در بدر سخت پريشان واري زندگي گذاري رهيا آھيون ، ٻٽي پاليسي ختم ڪئي وڃي 60 پلس کان 97 مارڪون کڻي ميرٽ تي پاس ٿيل اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن ، ٻي صورت ۾ 7 آڪٽوبر تي ڪراچي پنهنجن گهر ڀاتين ۽ معصوم ٻارن سميت ڪراچي ۾ مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال جو سلسلو شروع ڪنداسين.